ALLAH Pak Kay Piyaray Naam

Book Name:ALLAH Pak Kay Piyaray Naam

  وضاحت: ياالله پاڪ! اهڙي تَوفيق عطا فرماءِ جو ويهندي، اُٿندي، سمهندي، جاڳندي بَس هر وقت درودِ پاڪ پڙهڻ جي عادت بڻجي وڃي۔       آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

صَــلُّـوْا  عَـلَـی   الْـحَبِيْـب!                          صَـلَّـی اللهُ   عَلـٰی   مُـحَـمَّد

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

حديثِ پاڪ ۾ آهي: اَفْضَلُ الْعَمَلِ اَلنِّيَّةُ الصَّادِقَةُ سچي نيت اَفضَل تَرين عَمل آهي۔([1])

 اي عاشقانِ رسول! سٺي نيت انسان کي جنَّت ۾ داخِل ڪرائيندي آهي۔ بيان ٻڌڻ کان پهريان به سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺو! مثال طور نيت ڪريو! * عِلمِ دِين سکندس * پورو بيان ٻڌندس * بااَدب ويهندس * تَوَجُّھ سان ٻڌندس * پنهنجي اِصلاح جي لاءِ بيان ٻُڌندس * جيڪو ٻُڌندس، اهو ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس۔

صَــلُّـوْا  عَـلَـی   الْـحَبِيْـب!                                                                                             صَـلَّـی اللهُ   عَلـٰی   مُـحَـمَّد

 هڪ ڀيري هڪ صحابي رَضِىَ اللهُ عَنۡهُ الله پاڪ جي بارگاھ ۾ دُعا گھري رهيو هو، هن الله پاڪ کي ايئن پُڪاريو: ياالله! يارحمٰن! ان جي اها پُڪار ٻُڌي اَبُوجهل ڪافِر پنهنجي بيوقوفي ۽ جهالت جو اِظهار ڪندي چيو: مُحَمَّد (صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم) جي دعويٰ ته هي آهي ته هو هڪ خُدا جي عِبَادت ڪن ٿا، جڏهن ته هي (مُحَمَّد صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو ڪلمو پڙھندڙ اُن جو صحابي) ٻن خُدائن يعني هڪ الله ۽ هڪ رحمٰن کي پُڪاري رهيو آهي...!!


 

 



[1]... جامع صغیر، صفحہ:81، حدیث:1284۔