ALLAH Pak Kay Piyaray Naam

Book Name:ALLAH Pak Kay Piyaray Naam

ڪيون * ڪنهن کي بالڪل بي اَولاد رکيو، اهي سڀ ان جون حڪمتون آهن، لهٰذا الله پاڪ جي هن پاڪيزه نالي اَلحَڪيمُ جي معرفت اها آهي ته ٻانهو دِل سان هن ڳالھ جو يقين رکي ته منهنجي سمجھ ۾ اچي يا نه اچي، البته الله پاڪ جي هر ڪم ۾ هزارين حڪمتون آهن۔

الله پاڪ جيڪو ڪري ٿو، بهتر ڪري ٿو

  مڪتبة المدينه جي 413 صفحن جي ڪتاب عُيونُ الحڪايات (حصو: پهريون)، صفحي:187 تي آهي: الله پاڪ جو هڪ نيڪ ٻانهو ڪنهن جهنگل جي ڳوٺ ۾ رهندو هو، ان وٽ هڪ ڪڪڙ، هڪ گڏھ ۽ هڪ ڪتو هو، ڪڪڙ صبح نماز جي لاءِ جاڳائيندو هو، گڏھ تي هو پاڻي ۽ ٻيون شيون کڻندو هو ۽ ڪتو ان جي گھر ۽ سامان جي رکوالي ڪندو هو۔ هڪ ڏينهن ڪڪڙ کي لومڙي کائي وئي، گھر ڀاتي ان نقصان تي پريشان ٿيا پر ان نيڪ شخص صبر ڪندي چيو: الله جيڪو ڪري ٿو، بهتر ڪري ٿو۔ ڪجھ ڏينهن کان بعد بگھڙ (Wolf) گڏھ کي چيري کائي ڇڏيو، گھروارا غمگين ٿيا پر ان نيڪ شخص اهو ئي چيو: الله جيڪو ڪري ٿو، بهتر ڪري ٿو۔ پوءِ ڪجھ عرصي کان بعد ڪتو بيمار ٿي مري پيو، ان تي به ان نيڪ شخص اهي ئي لفظ دُهرايا: الله جيڪو ڪري ٿو، بهتر ڪري ٿو۔ ڪجھ ڏينهن کان بعد اوچتو دُشمنن جهنگل جي ان ڳوٺ تي رات ۾ حملو ڪري ڇڏيو ۽ جانورن جا آواز ٻڌي گھرن جو رخ معلوم ڪري ۽ مال و اسباب سميت سڀ گھر وارن کي قيدي بڻائي کڻي ويا۔ ان نيڪ شخص جي گھر ۾ ڪو جانور نه هو جو گهر مان آواز اچي۔ لهٰذا دُشمن کي اونداهي ۾ ان جي گھر جي خبر نه پئجي سگھي ۽ اهڙي طرح هو ان اوچتو ايندڙ مصيبت کان محفوظ رهيو۔

معلوم ٿيو؛ الله پاڪ جي هر ڪم ۾ حڪمت ئي حڪمت آهي، ها! اسان