ALLAH Pak Kay Piyaray Naam

Book Name:ALLAH Pak Kay Piyaray Naam

غم اچن، پريشانيون اچن، مصيبتون اچن ته مَعَاذَ الله! الله پاڪ سان شڪوا ڪن ٿا * پنهنجي قسمت کي برو ڀلو چون ٿا ۽ * ڪي جاهل ته مَعَاذَ الله! الله پاڪ تي اعتراض پڻ ڪن ٿا جڏهن ته الله پاڪ تي اعتراض ڪرڻ ڪفر آهي، الله پاڪ تي اعتراض ڪرڻ سان انسان اِسلام مان نڪري وڃي ٿو۔([1]) * اهڙي طرح ڪي بي عقل اهڙا به آهن جيڪي پنهنجي طور تي مَعَاذَ الله! الله پاڪ کي مشورو ڏيڻ جي بيباڪي به ڪن ٿا، مثال طور الله پاڪ اهو ڇو ڪيو؟ اهي شيون هيئن نه ٿيڻ گھرجن ها وغيره وغيره

(اَستَغفِرُ اللّٰه! اَستَغفِرُ اللّٰه!) اي عاشقانِ رسول! غور فرمايو! ڪيڏي ناداني آهي...! عالم سڳورا فرمائن ٿا: الله پاڪ تي اعتراض ڪندي اهو چوڻ ته الله پاڪ فجر جي نماز گھڻي جلدي رکي آهي، اهو به ڪفريه جملو آهي۔([2]) افسوس! ماڻهن کي احساس نه آهي، زبان هلي ٿي ته پوءِ هلندي ئي رهي ٿي، زبان مان شڪوا شڪايت نڪرن، گاريون نڪرن، ڪفريه جملا نڪرن، ڪا خبر ئي ناهي هوندي۔ الله پاڪ اسان سڀني جي ايمان جي حفاظت فرمائي.

ایماں پہ رَبِّ رحمت دیدے تُو استقامت     دیتا ہوں واسطہ میں تجھ کو ترے نبی کا ([3])

اي عاشقانِ رسول! اِيمان جي حفاظت جو ذهن بنائڻ ۽ ڪفريه ڪلمات جي باري ۾ تفصيلي معلومات جي لاءِ شيخ طريقت، امير اهلسنت دَامَت بَرَکاتُهمُ العَالِيه جي بهترين ڪتاب ” کفریہ کلمات کے بارے میں سُوال جواب “ مڪتبة المدينه تان طلب ڪريو،


 

 



[1]... کفریہ کلمات کے بارے میں سوال جواب، صفحہ:141۔

[2]... کفریہ کلمات کے بارے میں سُوال جواب، صفحہ:177۔

[3]... وسائِلِ بخشش، صفحہ:178۔