ALLAH Pak Kay Piyaray Naam

Book Name:ALLAH Pak Kay Piyaray Naam

گھر رکو ۽ ان کي پڙهو! اِنۡ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! عِلمِ دِين جو انمول خزانو هٿ ايندو۔

صَــلُّـوْا  عَـلَـی   الْـحَبِيْـب!               صَـلَّـی اللهُ   عَلـٰی   مُـحَـمَّد

پيارا اسلامي ڀائرو! جيڪڏهن اسان الله پاڪ جي پاڪيزه نالي اَلْحَڪِيْمُ کي سمجھي وٺون، هن جي معني ۽ مفهوم کي دِل ۾ ويهاريون، هن ۾ غور ۽ فِڪر ڪندا رهون ته اِنۡ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! هن جي برڪت سان الله پاڪ تي اعتراض ڪرڻ کان بچي وينداسين، جڏهن ذِهن اهو ٺهيل هوندو ته الله پاڪ جيڪو ڪندو آهي، ان ۾ هزارين حڪمتون هونديون آهن ته ظاهر آهي پوءِ انسان اعتراض ڇو ڪندو۔ انهيءَ طرح جيڪڏهن اسان الله پاڪ جي پاڪيزه نالي اَلْحَڪِيْمُ کي سمجھي وٺون، ان کي دِل ۾ ويهاريون ۽ ان تي ڪامِل يقين سان غور ۽ فِڪر ڪندا رهون ته اسان جي زندگي جا کوڙ سارا مسئلا حل ٿي سگھن ٿا۔ مثال طور * اِسمِ پاڪ اَلْحَڪِيْمُ جي معرفت جي برڪت سان صبر ڪرڻ آسان ٿي ويندو، ڪا پريشاني اچي، مصيبت اچي، ڏُک، دَرد، غم، بيماري، قرض داري، تنگدستي اچي ته ذهن بڻايو! الله پاڪ حڪيم آهي، ضرور ان پريشاني، مصيبت غم وغيره ۾ ڪا حڪمت هوندي * غريب ماڻهو ڪنهن امير کي ڏسي ته اِحسَاسِ ڪمتري جو شڪار نه ٿئي بلڪه ذِهن بڻائي ته الله پاڪ ان کي امير رکيو، مون کي غريب بڻايو، يقيناً هن ۾ ڪا حڪمت هوندي * امير ماڻهو غريب کي ڏسي ته تڪبر جو شِڪار نه ٿئي بلڪه يقين رکي ته الله پاڪ مون کي مال و دولت سان نوازيو، ان کي غريب رکيو، ضرور ڪا حڪمت هوندي * جيڪو بي اَولاد آهي، اهو پريشان نه ٿئي، الله پاڪ جي اِسمِ پاڪ اَلحَڪيمُ تي يقين رکي * جيڪو محنت جي باوُجُود امتحان ۾ ناڪام ٿي ويو،