ALLAH Pak Kay Piyaray Naam

Book Name:ALLAH Pak Kay Piyaray Naam

هو خود ڪشي جي طرف نه وڌي، الله پاڪ جي اِسمِ پاڪ اَلْحَڪِيْمُ تي يقين رکي۔ ايئن جيڪڏهن اسان الله پاڪ جي هن پاڪيزه نالي اَلْحَڪِيْمُ کي سمجھي پنهنجي زِندگي ۾ نافذ ڪريون هن جي برڪت سان اسان جي زندگي جا کوڙ سارا مسئلا حل ٿي سگھن ٿا۔

الله پاڪ اسان سڀني کي ايمان جي لذّت نصيب فرمائي، عِلمِ دين جي نعمت سان نوازي۔ آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم۔

الله پاڪ جو پاڪيزه نالو: اَلْغَنِيُّ

الله پاڪ جي اَسمَاءِ حُسنيٰ ۾ هڪ پاڪيزه نالو آهي: اَلْغَنِيُّ۔ هن جي معني آهي: بي نياز. جيڪو ڪنهن جو به محتاج نه هجي۔([1]) الله پاڪ جي هن پاڪيزه نالي اَلْغَنِيُّ مان معلوم ٿيو ته الله پاڪ اها پاڪ هستي آهي جو سڀئي ان جا محتاج آهن پر هو ڪنهن جو به محتاج نه آهي.

الله پاڪ کي محتاج چوڻ ڪفر آهي

افسوس! عِلمِ دين کان دُوري آهي، اسان وٽ ڪي نادان الله پاڪ ڏانهن محتاجي جي نسبت ڪندا آهن مثال طور * ڪنهن نيڪ شخص جي وفات ٿئي ته چوندا آهن: نيڪ ماڻهن جي الله پاڪ کي به ضرورت پوندي آهي * ننڍڙو ٻار انتقال ڪري وڃي ته ڪجھ تعزيت ڪرڻ وارا چوندا آهن: اوهان جو گل جھڙو ٻار الله پاڪ کي گهرجندو هوندو۔([2]) اهڙي طرح ٻيا به ڪفريه جملا ڳالهايا ويندا آهن۔ ياد رکو! الله پاڪ کي محتاج چوڻ ڪفر آهي۔ الله پاڪ قرآنِ


 

 



[1]... المقصدُ الْاَسْنیٰ، صفحہ:128۔

[2]... کفریہ کلمات کے بارے میں سُوال جواب، صفحہ:489-490۔