ALLAH Pak Kay Piyaray Naam

Book Name:ALLAH Pak Kay Piyaray Naam

ڪريم ۾ ارشاد فرمائي ٿو:

یٰۤاَیُّهَا النَّاسُ اَنْتُمُ الْفُقَرَآءُ اِلَى اللّٰهِۚ-وَ اللّٰهُ هُوَ الْغَنِیُّ الْحَمِیْدُ(۱۵)  (پاره:22، سورۂ فاطِر:15)  

ترجمو ڪنز العرفان: اي انسانو! توهان سڀ الله جا محتاج آهيو ۽ الله ئي بي نياز، تمام خوبين وارو آهي.

الله بي نياز آهي...!

اي عاشقانِ رسول! الله پاڪ جي هن پاڪيزه نالي اَلْغَنِيُّ ۾ غور ڪيو، هن جي معني، مفهوم دِل ۾ ويهاريو! الله پاڪ بي نياز آهي۔ * هاڻي خُودپسندي جو شِڪار ٿيڻ وارا غور ڪن * جيڪي پنهنجي عِلم تي ناز ڪن ٿا * جيڪي پنهنجي عقل ۽ دانائي تي ناز ڪن ٿا * جيڪي پنهنجي نيڪين تي آڪڙجن ٿا، الله پاڪ جي بي نيازي کي وسارڻ وارا غور ڪن * جيڪي مال ۽ دولت تي ناز ڪن ٿا، اهي به غور ڪن * جيڪي ٻين کي حقير سمجهن ٿا * ڀائرن ڀينرن سان، عزيز رشتيدارن سان تعلق ٽوڙين ٿا *غرور ۽ تڪبر جو شِڪار ٿين ٿا، اهي غور ڪن * جيڪي ٻين تي ظُلم ڪن ٿا * جيڪي رِشوتون کائن ٿا * جيڪي اعلانيه گناھ ڪن ٿا *جيڪي لڪي الله پاڪ جي نافرماني ڪن ٿا، سڀئي غور ڪن، الله پاڪ بي نياز آهي، هو چاهي ته غريبن کي امير ڪري ڇڏي، اميرن کي غريب بڻائي، مَغرُورن جو غرور خاڪ ۾ ملائي ڇڏي، رحم فرمائي ته لکين گنهگارن کي جنّت عطا فرمائي ۽ عدل فرمائي ته وڏا وڏا نيڪوڪار ڪنبڻ لڳن، هو مالِڪ آهي، هو ڪنهن جو محتاج نه آهي، سڀئي ان جا محتاج آهن، لهٰذا اسان کي گھرجي ته هميشه الله پاڪ جي بي نيازي کان ڊڄندا رهون۔