ALLAH Pak Kay Piyaray Naam

Book Name:ALLAH Pak Kay Piyaray Naam

چھوڑ دو اے تاجرو! کم تولنا       جھوٹ چھوڑا بیچنے میں بولنا

بھائیوں کا دِل دکھانا چھوڑ دو       اور تمسخر بھی اُڑانا چھوڑ دو

بدگمانی، جھوٹ، غیبت، چغلیاں     چھوڑ دے تُو رَبّ کی نافرمانیاں

ہو گیا تجھ سے خُدا ناراض اگر       قبر سُن لے آگ سے جائے گی بھر([1])

فقير کي ڌڪارڻ وارو پاڻ فقير بڻجي ويو

شيخ سعدي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه نقل فرمائن ٿا: هڪ نيڪ دِل شخص هو، الله پاڪ ان کي گھڻي مال ۽ دولت سان نوازيو هو، مال داري سان گڏوگڏ هو وڏو همدرد، نرم دِل ۽ سخي به هو، غريبن فقيرن جي مدد ڪرڻ ۾ ان کي گھڻي خوشي ملندي هئي، اهو ئي سبب هو جو ان جي دروازي تي غريبن، فقيرن جي رش لڳل رهندي هئي، هڪ ڀيري رات جي وقت هڪ فقير ان جي دروازي تي صَدا لڳائي، اُن امير شخص پنهنجي هڪ غُلام کي موڪليو ته وڃ! فقير جي ضرورت پُوري ڪر۔ غُلام جيئن ئي دروازو کوليو، فقير تي ان جي نظر پئي ته ان جي دانهن نڪري وئي ۽ بي اختيار ان جي اکين مان لڙڪ وهڻ لڳا، ان امير شخص جڏهن پنهنجي غلام کي غمگين ڏٺو ته ان جو سبب پڇيائين، غُلام عرض ڪيو: عالي جاھ! اوهان جي غُلامي ۾ اچڻ کان پهريان مان هڪ ٻي امير شخص جي غُلامي ۾ هئس، اهو وڏو مالدار هو، هڪ ڀيري ان جي دروازي تي هڪ فقير صدا لڳائي، ان مالدار شخص فقير جي مدد ڪرڻ جي بدران مال و دولت جي نشي ۾ اچي ان فقير کي گھڻو ذليل ڪيو ۽ غُلامن جي ذريعي اُن فقير کي ڌڪا ڏياري ٻاهر ڪڍي ڇڏيو۔ بس اهو ڏينهن هو جو ان مالدار شخص


 

 



[1]... وسائِلِ بخشش، صفحہ:713۔