ALLAH Pak Kay Piyaray Naam

Book Name:ALLAH Pak Kay Piyaray Naam

جا بُرا ڏينهن شروع ٿيا، ٿوري ئي عرصي ۾ اُن جو حال بي حال ٿي ويو، محتاجي، تنگ دستي ۽ غربت جو شڪار ٿي ويو، دوست احباب سڀئي ڇڏي ويا، اي منهنجا آقا! هاڻي جيڪو فقير دَروازي تي آيو هو، هي اهو ئي منهنجو پهريان وارو مالِڪ هو، ان جي اها حالت ڏسي منهنجي رڙ نڪري وئي ۽ اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا۔ غُلام جي اها سڄي ڳالھ ٻڌي نيڪ دِل آقا چيو: ڇا مان توهان کي ان کان به وڌيڪ حيرت واري ڳالھ نه ٻڌايان...! اهو فقير جنهن کي توهان جي اڳوڻي مالِڪ ڌڪا ڏئي ڪڍرايو هو، اهو فقير ٻيو ڪو نه بلڪه مان ئي هئس، اڄ ڏسو ته وقت ڪيئن بدليو جو قدرت ان کي منهنجي ئي دروازي تي خيرات گھرڻ جي لاءِ بيهاري ڇڏيو۔([1])

جے چاہویں تے راہ جاندے نُوں تخت عطا فرماویں

جے چاہوَیں تے شاہاں کولوں در در خیر منگاویں

وضاحت: اي الله پاڪ تون بي نياز آهين، تون چاهين ته غريبن فقيرن کي تخت عطا فرمائي ڇڏين ۽ تون چاهين ته بادشاهن کي فقير بڻائي ڇڏين۔

الله پاڪ جي خُفيه تدبير کان ڊڄو!

اي عاشقانِ رسول ! الله پاڪ جي هن پاڪيزه نالي اَلْغَنِيُّ ۾ غور ڪيو! هن ۾ خَوفِ خُدا جو دَرس به آهي، الله پاڪ بي نياز آهي، هو چاهي ته اسان جي ڪا هڪ نيڪي ئي ان جي بارگاھ ۾ قبول ٿئي ۽ ٻيڙو پار ٿي وڃي ۽ جيڪڏهن الله پاڪ چاهي ته ڪنهن هڪ ئي گُنَاھ تي پڪڙ فرمائي ۽ اسان جهنّم جا حقدار ٿي وڃون، بَس اسان کي هر گھڙي الله پاڪ جي خفيه تدبير کان ڊڄندو ئي رهڻ گھرجي، الله پاڪ وڏو بي نياز آهي۔ چار سجدن جي توفيق مِلي وئي آهي ته به


 

 



[1]... بُوستانِ سعدی، باب دُوُم، صفحہ:80۔