ALLAH Pak Kay Piyaray Naam

Book Name:ALLAH Pak Kay Piyaray Naam

الله پاڪ جي بارگاھ ۾ ڪنڌ جھڪائي رکو، اسان کي روزا رکڻ جي توفيق مِلي وئي آهي ته به الله پاڪ جي بارگاھ ۾ ڪنڌ جھڪائي رکو، الله پاڪ وڏو بي نياز آهي، آھ! اهي سجدا قبول نه ٿيا ته اسان جو ڇا ٿيندو؟ اهي روزا قبول نه ٿيا ته اسان جو ڇا ٿيندو؟ ان ڪري بَس هر وقت عاجزي جو پيڪر بڻجي رهڻ گھرجي، الله پاڪ جي رحمت جو سُوال ڪندو رهڻ گھرجي، الله پاڪ پنهنجي رحمت جي صدقي، پنهنجي محبوب، رحمتِ عالميان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي صدقي اسان جي دُنيا به بهتر بڻائي ۽ اسان جي آخرت به بهتر بڻائي۔     آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

صَــلُّـوْا  عَـلَـی   الْـحَبِيْـب!                                     صَـلَّـی اللهُ   عَلـٰی   مُـحَـمَّد

 اي عاشقانِ رسول! اسان الله پاڪ جي 99 اَسمَاءِ حُسنيٰ مان صِرف 2 اَسمَاءِ حُسنيٰ جي مختصر وَضاحت ٻُڌي۔ غور ڪيو! ان پاڪيزه اَسمَاءِ حُسنيٰ ۾ عِلمِ ۽ حڪمت جا ڪهڙا انمول موتي لڪيل آهن، جيڪڏهن اسان 99 اَسمَاءِ حُسنيٰ کي ياد ڪري وٺون ان جي معني سمجھون، ان جي معرفت حاصِل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهون ته ڪيتريون برڪتون نصيب ٿينديون؟ لهذا اسان کي گھرجي ته اسان اَسمَاءِ حُسنيٰ کي ياد به ڪريون ۽ ان جو عِلم به سکون. البته اِهو خيال رهي ته الله پاڪ جي اَسماءِ حُسنيٰ ۾ الله پاڪ جي ذات ۽ صِفَات جو بيان آهي ۽ ان جو تعلق عقيدن سان آهي، تنهنڪري ڪنهن ماهر عاشقِ رسول عالِمِ دين جي خدمت ۾ حاضِر ٿي ئي اَسمَاءِ حُسنيٰ کي سکڻ گھرجي، پنهنجي اَٽڪل سان سکڻ، ٻڌل ٻڌايل ڳالهين تي هلڻ خطرناڪ ٿي سگھي ٿو۔ الله پاڪ اسان کي عِلمِ دِين جو نُور عطا فرمائي ۽ عمل جي به توفيق نصيب فرمائي۔

آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم۔