ALLAH Pak Kay Piyaray Naam

Book Name:ALLAH Pak Kay Piyaray Naam

قَلْب کو اُس کی رویَت کی ہے آرزو   جس کا جلوہ ہے عالَم میں ہر چار سُو

بلکہ خُود نفس میں ہے وہ سُبْحٰنُہٗ     عرش پر ہے مگر عرش کو جستجو

اللہُ اللہُ                    اللہُ اللہُ([1])

وضاحت: دِل کي الله پاڪ جي دِيدار جي خواهش آهي، اهو ئي الله پاڪ جنهن جي قُدرت جا جلوا سڄي دُنيا ۾ ڦهليل آهن بلڪه اسان جي اندر به ان جا جلوا آهن۔

صَــلُّـوْا  عَـلَـی   الْـحَبِيْـب!                                    صَـلَّـی اللهُ   عَلـٰی   مُـحَـمَّد

امام جَلالُ الدِّين سيوطي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو ذِڪرِ خير

پيارا اسلامي ڀائرو! 19 جمادَي الاُوليٰ تي پنهنجي وقت جي تمام وڏي امام حضرت امام جلالُ الدِّين سيوطي شافعي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو عُرسِ مبارڪ ٿيندو آهي، اچو! برڪت حاصل ڪرڻ جي لاءِ امام سيوطي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو مختصر ذِڪرِ خير ٻڌي وٺون ٿا:

امام سيوطي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو نالو مبارڪ: عبد الرحمٰن ۽ لقب: جلالُ الدِّين آهي۔ پاڻ پهرين (st1) رجب المرجب، 849 هجري تي مِصر جي شهر قاهره ۾ پيدا ٿيا، ڪم و بيش 62 سال هن دُنيا ۾ رهي 19 جمادَي الاُوليٰ، سِن 911 هجري تي هن دُنيا مان رخصت ٿيا۔([2])

بارگاهِ نُبُوّت مان لقب مليو

امام سيوطي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو هڪ ڪتاب آهي: جَمْعُ الْجَوامِعْ۔ هن ڪتاب ۾ امام


 

 



[1]... سامانِ بخشش، صفحہ:18۔

[2]... اَلنُّوْرُ السَّافِر، صفحہ:90۔