ALLAH Pak Kay Piyaray Naam

Book Name:ALLAH Pak Kay Piyaray Naam

ابوجهل جي ان بيوقوفي ۽ جهالت جي رَدّ ۾ الله پاڪ سيپاري: 9، سوره اعراف جي آيت: 180 نازِل فرمائي،([1]) ارشاد ٿئي ٿو:

وَ لِلّٰهِ الْاَسْمَآءُ الْحُسْنٰى فَادْعُوْهُ بِهَا۪-وَ ذَرُوا الَّذِیْنَ یُلْحِدُوْنَ فِیْۤ اَسْمَآىٕهٖؕ-سَیُجْزَوْنَ مَا كَانُوْا یَعْمَلُوْنَ(۱۸۰)

 (پاره:9، سورۃ الاعراف:180)

ترجمو ڪنز العرفان: ۽ گهڻا سهڻا نالا الله ئي جا آهن پوءِ اُن کي انهن نالن سان پڪاريو ۽ اُنهن ماڻهن کي ڇڏي ڏيو جيڪي اُن جي نالن ۾ حق کان پري ٿين ٿا. عنقريب انهن کي سندن عملن جو بدلو ڏنو ويندو.

 مُفسر سڳورا فرمائن ٿا: آيت سڳوري جي هڪ معني هي آهي ته اها ذات جنهن کي پُڪاريو ويندو آهي يعني سچو خُدا، حقيقي مالِڪ الله وَحْدَہٗ لَاشَرِیْک هڪ ئي آهي، جڏهن ته رحمٰن، رَحيم، ڪرِيم، غَفَّار، سَتّار وغيره انهيء هڪ ذات جا ڪيئي نالا آهن۔([2])

لهٰذا اَبُوجهل جو اهو چوڻ ته مُحَمَّد صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ۽ اُنهن جي مڃڻ وارا هڪ کان وڌيڪ خُدائن کي پُڪارين ٿا، ان جي واضِح جهالت ۽ سراسر بيوقوفي آهي۔

اللہ واحِد و یکتا ہے           ایک خُدا بَس تنہا ہے

کوئی نہ اُس کا ہمتا ہے          ایک ہی سب کی سنتا ہے


 

 



[1]... تفسیر خازن، پارہ:9، سورۂ اعراف، زیرِ آیت، 180، جلد:2، صفحہ:274۔

[2]... تفسیر ماتُریدی، پارہ:9، سورۂ اعراف، زیرِ آیت:180، جلد:5، صفحہ:99 ماخوذاً۔