ALLAH Pak Kay Piyaray Naam

Book Name:ALLAH Pak Kay Piyaray Naam

75 ڀيرا بيداري ۾ ديدارِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

اي عاشقانِ رسول! امام جلالُ الدِّين سيوطي شافعي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جا نصيب ڏسو جو کين رسولِ اڪرم، نُورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم پاڻ پنهنجي پياري پياري زبان مبارڪ سان ”شَيْخُ الْحَدِيث (يعني حديثِ پاڪ جو استاد)“ فرمايو.  سيدي اعليٰ حضرت امام اهلسنت شاھ امام احمد رضا خان رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: امام جلالُ الدِّين سيوطي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ايتري وڏي رُتبي وارا بزرگ آهن جو بيداري ۾ پاڻ 75 ڀيرا حُضُور، پُرنُور، سيدُ الانبياء صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي ديدار سان مُشَرَّف ٿيا۔([1])

دیدار کی بھیک کب بٹے گی؟       منگتا ہے اُمِّید وار آقا

صَــلُّـوْا  عَـلَـی   الْـحَبِيْـب!                                                                                       صَـلَّـی اللهُ   عَلـٰی   مُـحَـمَّد

امام سيوطي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي هڪ ڪرامت

امام جلالُ الدِّين سيوطي شافعي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو هڪ خادِم هو: حضرت محمد بن علي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه۔ پاڻ فرمائن ٿا: هڪ ڏينهن امام سيوطي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه مون کي فرمايائون: جيڪڏهن منهنجي مرڻ کان پهريان توهان منهنجو راز ظاهر نه ڪيو ته اڄ عصر جي نماز مڪهءِ مڪرمه ۾ پڙھڻ جو ارادو آهي۔ مون عرض ڪيو: جي! ٺيڪ آهي (يعني مان راز ظاهر نه ڪندس)۔ پوءِ امام سيوطي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه منهنجو هٿ پڪڙي فرمايو: اکيون بند ڪيو! مون اکيون بند ڪري ورتيون۔ اسان تقريباً 27 قدم هلياسين ته وري فرمايائون: هاڻي اکيون کولي ڇڏيو! مون اکيون کوليون ته اسان مڪهءِ مڪرمه ۾ جنّتُ المَعْليٰ جي دروازي تي هئاسين، پوءِ اسان اُمُّ المُؤمِنِين حضرت خديجةُ الڪبري رَضِىَ اللهُ عَنۡهَا جي مزارِ پاڪ جي زيارت


 

 



[1]... فتاوی رضویہ، جلد:5، صفحہ:493۔