ALLAH Pak Kay Piyaray Naam

Book Name:ALLAH Pak Kay Piyaray Naam

ڪئي، پوءِ حرمِ پاڪ ۾ پهتاسين، طواف ڪيو، زَم زَم شريف پيتو، پوءِ مقامِ ابراهيم جي ويجھو ويٺا رهياسين، پوءِ عصر جي نماز پڙھي، اهو سڀ ڪرڻ کان بعد امام سيوطي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه مون کي (يعني پنهنجي خادِم محمد بن علي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي) فرمايو: جيڪڏهن توهان چاهيو ته مون سان گڏ واپس هلو، نه ته حاجين سان گڏجي اچجو۔ مون عرض ڪيو: اوهان سان گڏ هلندس۔ پوءِ اسان جنّتُ المَعليٰ جي دروازي تائين آياسين، امام سيوطي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جن فرمايو: اکيون بند ڪيو۔ مون اکيون بند ڪيون، ٿوري دير کان بعد فرمايائون: اکيون کولي ڇڏيو! مون اکيون کوليون ته اسان واپس مِصر پهچي چڪا هئاسين۔([1])

الله پاڪ جي انهن تي رحمت ٿئي ۽ انهن جي صدقي اسان جي مغفرت ٿئي۔ آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم۔

 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: مدني قافلو

پيارا اسلامي ڀائرو! عِلمِ دين سکڻ، عَمَل جو جذبو ماڻڻ ۽ اولياءِ ڪرام جي فيضان سان مالا مال ٿيڻ جي لاءِ عاشقان رسول جي ديني تحريڪ دعوت اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو ۽ ذيلي حلقي جي 12 ديني ڪمن ۾ به وڌ کان وڌ حِصو وٺو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! دُنيا ۽ آخرت جون بيشُمار ڀلائيون نصيب ٿينديون۔ ذيلي حلقي جي 12 ديني ڪمن مان هڪ دِيني ڪم آهي: مدني قافلو۔

  اَلْـحَمْـدُ الِلہُ!  دعوتِ اسلامي جي تحت تبليغِ دِين جي لاءِ، سڄي دُنيا ۾ سُنتن جو پيغام عام ڪرڻ جي لاءِ لکين اسلامي ڀائر مدني قافلن ۾ سَفر ڪندا رهن ٿا۔ اوهان به همّت ڪيو! مدني قافلن جا مُسَافِر بڻجو ۽ کوڙ نيڪيون ڪمايو!


 

 



[1]... اَلْکَوَاکِبُ السَّائِرَہ، جلد:1، صفحہ:229۔