ALLAH Pak Kay Piyaray Naam

Book Name:ALLAH Pak Kay Piyaray Naam

هاڻي موقعو به آهي، 25 ڊسمبر تي به سرڪاري سطح تي موڪل هوندي آهي، هن سان گڏ آچر جي به موڪل آهي، موقعو غنيمت آهي، 26،25،24 ڊسمبر جمعو، ڇنڇر، آچر 3 ڏينهن جي مدني قافلي جا مُسَافِر بڻجي وڃو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! کوڙ برڪتون نصيب ٿينديون۔ اچو! مدني قافلي جي هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا:

شرابي، مؤَذِّن بڻجي ويو

هڪ اسلامي ڀاءُ جي بيان جو خلاصو آهي: دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول کان وابستگي کان پهريان مان گناهن ۾ مبتلا هئس، شراب پيندو هئس، گاريون ڏيندو هئس ۽ والدين ۽ پاڙي وارن کي گھڻو تنگ ڪندو هئس، آخر منهنجي قسمت جو ستارو ايئن چمڪيو جو منهنجي ملاقات دعوتِ اسلامي جي هڪ ذِميدار اسلامي ڀاءُ سان ٿي، ان مون کي سمجھائيندي مدني قافلي ۾ سَفر جي ترغيب ڏياري، مان انڪار نه ڪري سگھيس ۽ مان يڪدم 3 ڏينهن جي مدني قافلي جو مُسَافِر بڻجي ويس، عاشقانِ رسول جي صحبت ملي ۽ شيخ طريقت، امير اهلسنت دَامَت بَرَکاتُهمُ العَالِيه جا رسالا به ٻڌڻ لاءِ مليا، جنهن جي برڪت سان مان نه صِرف نماز پڙھڻ وارو بڻجي ويس بلڪ ٻين کي نمازِ فجر جي لاءِ جاڳائڻ ۽ مدني قافِلن جو مُسَافِر بنائڻ وارو بڻجي ويس۔([1])

بے عَمَل، باعَمَل بَن گئے خاص کر    آپ بھی دیکھ لیں، قافلے میں چلو

دِل پہ گر زَنگ ہو، سارا گھر تنگ ہو    داغ سارے دھلیں، قافلے میں چلو([2])

صَــلُّـوْا  عَـلَـی   الْـحَبِيْـب!                                    صَـلَّـی اللهُ   عَلـٰی   مُـحَـمَّد


 

 



[1]... شرابی مؤذن کیسے بنا؟ صفحہ:4۔

[2]... وَسَائِلِ بخشش، صفحہ:672۔