ALLAH Pak Kay Piyaray Naam

Book Name:ALLAH Pak Kay Piyaray Naam

پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اِختِتام ڏانهن آڻيندي سُنّت جي فضيلت، ڪجھ سُنّتون ۽ آداب بَيان ڪرڻ جي سَعادَت حاصِل ڪيان ٿو۔ تاجدارِ رسالت، شَهنْشاھ نُبُوت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِي فَقَدْ اَحَبَّنِي وَمَنْ اَحَبَّنِي كَانَ مَعِي فِي الْجَنَّةِ جنهن منهنجي سُنّت سان مَحَبَّت ڪئي ان مون سان مَحَبَّت ڪئي ۽ جنهن مون سان مَحَبَّت ڪئي هو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو۔([1])

سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا!        جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

هٿ ملائڻ جون سنتون ۽ آداب

فرمانِ آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم: جڏهن ٻه مسلمان ملاقات ڪندي مصافحو ڪندا (يعني هٿ ملائيندا) آهن ۽ هڪٻئي کان خيريت معلوم ڪندا آهن ته الله پاڪ انهن جي وچ ۾ سؤ رحمتون نازل فرمائيندو آهي، جنهن مان نوانوي (99) رحمتون وڌيڪ گرم جوشي سان ملڻ واري ۽ سٺي نموني سان پنهنجي ڀاءُ کان خيريت پڇڻ واري جي لاءِ هونديون آهن۔

 پيارا اسلامي ڀائرو! هٿ ملائڻ کي عربي ۾ مُصَافَحو ۽ انگلش ۾ : Handshake چئبو آهي * ٻن مسلمانن جو مُلاقات مهل ٻنهي هٿن سان مصافحو ڪرڻ يعني ٻئي هٿ مِلائڻ سُنَّت آهي * هٿ ملائڻ کان پهريان سلام ڪيو * موڪلائڻ مهل به سلام ڪيو ۽ (گڏوگڏ) هٿ به مِلائي سگھو ٿا
* هٿ ملائڻ وقت درود شريف به پڙهو، ٿي سگھي ته هي دعا به پڙهو؛ ”یَغْفِرُ اللهُ لَنَا وَلَکُمْ (يعني الله پاڪ اسان جي ۽ توهان جي مغفرت فرمائي) * ٻه مسلمان هٿ ملائڻ جي دوران جيڪي دعائون گھرندا اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! قبول ٿينديون۔ هٿ جدا


 

 



[1]… مشکاۃ الصابیح، کتاب الایمان، باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ، الفصل الثانی، جلد1، صفحہ55،  حدیث:175