ALLAH Pak Kay Piyaray Naam

Book Name:ALLAH Pak Kay Piyaray Naam

ٿيڻ کان پهريان ٻنهي جي مغفرت ٿي ويندي۔ اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! * پاڻ ۾ هٿ ملائڻ سان دشمني پري ٿيندي آهي * مسلمان کي سلام ڪرڻ، هٿ ملائڻ بلڪه محبت سان ان جو ديدار ڪرڻ سان به ثواب ملي ٿو۔ حديث پاڪ ۾ آهي: جيڪو مسلمان پنهنجي مسلمان ڀاءُ ڏانهن محبت ڀري نگاهه سان ڏسي ۽ اُن جي دل يا سيني ۾ دشمني نه هجي ته نگاهه موٽڻ کان پهريان ٻنهي جا پٺيان گناهه معاف ڪيا ويندا۔ * جيترا ڀيرا ملاقات ٿئي هٿ ملائي سگھو ٿا * اڄڪلھ ڪجھ ماڻهو ٻنهي طرف کان هڪ هٿ مِلائن ٿا بلڪه صرف اڱريون ئي پاڻ ۾ ٽڪرائن ٿا اهو سڀ خلافِ سنت آهي * هٿ ملائڻ کان پوءِ پنهنجو هٿ چُمڻ مڪروهه آهي۔ ها جيڪڏهن ڪنهن بُزُرگ کان هٿ ملائڻ کان پوءِ بَرَڪت حاصل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو هٿ چمي ورتو  ته ڪراهت ناهي * مصافحو ڪرڻ (يعني هٿ ملائڻ) وقت سنّت هي آهي ته هٿ ۾ رومال وغيره نه هجي، ٻئي تِريون خالي هجن ۽ تريءَ سان تري ملڻ گهرجي۔([1])

مختلف سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي بهار شريعت جلد:3، حصه:16، ۽ شيخ طريقت، اميرِ اهلسنت دَامَت بَرَکاتُهمُ العَالِيه جو 91 صفحن جو رسالو سنّتون ۽ آداب خريد فرمايو ۽ پڙھو، سنتون سکڻ جو هڪ بهترين ذريعو دعوتِ اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقانِ رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر به آهي۔

لوٹنے رحمتیں قافلے میں چلو       سیکھنے سنتیں قافلے میں چلو

ہوں گی حل مشکلیں قافلے میں چلو    ختم ہوں شامتیں قافلے میں چلو

الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي۔                                      آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم


 

 



[1]... 550 سنتیں اور آداب، صفحہ:32-34۔