Book Name:ALLAH Pak Kay Piyaray Naam
دعوتِ اسلامي جي هفتيوار سنتن ڀري
اِجتِماع ۾ پڙهيا ويندڙ درود شريف
اَللّٰہُمَّ صَلِّ وَسَلِّمْ وَبَارِکْ عَلٰی سَیِّدِنَا مُحَمَّدِ نِالنَّبِیِّ الْاُمِّیِّ
الْحَبِیْبِ الْعَالِی الْقَدْرِالْعَظِیْمِ الْجَاہِ وَعَلٰی اٰلِہٖ وَصَحْبِہٖ وَسَلِّمْ
بزرگن فرمايو آهي ته جيڪو شخص هر جمعرات (جمعه ۽ خميس جي وچين رات) هن دُرُود شريف کي پابندي سان گھٽ مان گھٽ هڪ ڀيرو پڙهندو موت جي وقت سرڪار مدينه صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي زيارت ڪندو ۽ قبر ۾ داخل ٿيندي وقت اهو به ڏسندو ته سرڪار مدينه صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان کي پنهنجي هٿن سان قبر ۾ داخل ڪري رهيا آهن، ([1])
اَللّٰہُمَّ صَلِّ عَلٰي سَيدِ نَا وَمَولَانَا مُحَمَّدٍ وَّعَلٰي اٰلِہٖ وَسَلِّم
حضرتِ سيدُنا انس رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ کان روايت آهي ته تاجدارِمدينہ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو :جيڪو شَخص اهو دُرُود شريف پڙهي جيڪڏهن بيٺل هو ته ويهڻ کان پهريان ۽ ويٺل هو ته بيهڻ کان پهريان، ان جا گناھ معاف ڪيا ويندا.([2])