ALLAH Pak Kay Piyaray Naam

Book Name:ALLAH Pak Kay Piyaray Naam

لَا اِلٰہَ اِلَّا اللہ آمَنَّا بِرَسُوْلِ اللہ([1])

صَــلُّـوْا  عَـلَـی   الْـحَبِيْـب!                          صَـلَّـی اللهُ   عَلـٰی   مُـحَـمَّد

آيت سڳوري ۾ بيان ڪيل 3 ڳالهيون

اي عاشقانِ رسول! هاڻي اسان جيڪا آيتِ سڳوري ٻڌڻ جي سَعَادت حاصِل ڪئي، هن آيت سڳوري ۾ 3 بنيادي ۽ اَهم ڳالهيون بيان ٿيون:
(1): الله پاڪ  جا کوڙ سارا اَسمَاءُالحُسنيٰ (يعني سٺا، پاڪيزه) نالا آهن
(2): مسلمانن کي گھرجي ته الله پاڪ کي ان جي اَسمَاءُ الحُسنيٰ ئي سان پُڪارين (3): جيڪي ماڻهو الله پاڪ جي نالن جي معاملي ۾ حق کان هٽن ٿا، اهي سخت سزا ۽ عذاب جا حقدار آهن۔ اچو! انهن ٽن ڳالهين جي مختصر وضاحت ٻڌون ٿا!

(1) الله پاڪ جا پاڪيزھ  نالا ”اَسمَاءِ حُسنيٰ“ آهن

الله پاڪ ارشاد فرمايو آهي:

وَ لِلّٰهِ الْاَسْمَآءُ الْحُسْنٰى  (پاره:9، سورۃ الاعراف:180)

ترجمو ڪنز العرفان: ۽ گهڻا سهڻا نالا الله ئي جا آهن۔

امام فخر الدِّين رازي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: آيت جي هن حِصي جي معني اها آهي ته اَسمَاءِ حُسنيٰ (يعني پيارا نالا) صِرف ۽ صِرف الله پاڪ جا آهن، الله پاڪ کان عِلاوه ٻيو جنهن جو نالو چڱو آهي، اهو الله پاڪ جي عطا سان، ان جي اِحسَان ئي سان چڱو آهي۔ پوءِ هن مان اهو به ثابت ٿي ويو ته الله پاڪ جا جيترا نالا آهن اهي سڀ جا سڀ چڱا آهن، ڪو به نالو بُرو، ڪو به بُري معنيٰ وارو نالو


 

 



[1]... سامانِ بخشش، صفحہ:33۔