ALLAH Pak Kay Piyaray Naam

Book Name:ALLAH Pak Kay Piyaray Naam

الله پاڪ جو نه آهي، نه ٿي سگھي ٿو.([1])

پنهنجا نالا چڱا رکو...!!

 پيارا اسلامي ڀائرو! هن آيتِ سڳوري ۾ الله پاڪ پنهنجي پاڪيزه نالن کي اَسمَاءِ حُسنيٰ (يعني حُسن وارا، چڱا نالا) فرمايو، هن ۾ اسان جي سکڻ لاءِ هڪ مدني گل اهو آهي ته اسان به پنهنجا، پنهنجي ٻارن جا چڱا، حُسن وارا، خوبصُورت نالا رکون۔ عَلَّامه ابن العربي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: جڏهن توهان کي اهو معلوم ٿي ويو ته الله پاڪ جا پاڪيزه نالا حُسن وارا آهن ته هاڻي توهان به پنهنجا نالا چڱا، حُسن وارا رکو...! ([2])

۽ اهو ڪيئن ٿيندو؟ اسان پنهنجا، پنهنجي ٻارن جا نالا سٺا ڪيئن رکنداسين؟ علَّامه ابنِ العربي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: هي ائين ٿيندو جو توهان پنهنجا، پنهنجي ٻارن جا نالا انبياءِ ڪرام عَلَيۡهِمُ السَّلَام جي نالن تي، اولياءِ ڪرام جي نالن تي رکو! ([3])

 حديثِ پاڪ ۾ آهي: انبياءِ ڪرام عَلَيۡهِمُ السَّلَام جي نالن تي نالو رکو ۽ بيشڪ عبدُالله ۽ عبدُ الرحمٰن الله پاڪ وٽ گھڻا پسنديده آهن. ([4])

محمد  نالو رکڻ جي فضيلت

پيارا اسلامي ڀائرو! نيت ڪيو، ذِهن بڻايو بلڪ اها عادَت پڪي ڪيو ته جڏهن به ڪنهن جو نالو رکڻ جو موقعو ملي ته صِرف ۽ صِرف نسبت وارا ئي نالا رکو. عَبدُ الرحمٰن نالو رکو! عبد الله نالو رکو، اَحمد نالو رکو، مُحَمَّد نالو


 

 



[1]... تفسیر کبیر، پارہ:9، سورۂ اعراف، زیرِ آیت:180، جلد:5، صفحہ:414 ملتقطاً۔

[2]... الاسنی فی شرح اسماء الحسنیٰ و صفاتہ، صفحہ:49۔

[3]... الاسنی فی شرح اسماء الحسنیٰ و صفاتہ، صفحہ:49۔

[4]... ابوداؤد، کتاب الادب، باب: فی تغییر الاسماء، صفحہ:775، حدیث:4950۔