ALLAH Pak Kay Piyaray Naam

Book Name:ALLAH Pak Kay Piyaray Naam

رکو، اهڙي طرح ٻين نبي سڳورن عَلَيۡهِمُ السَّلَام جي نالن تي، صحابه ڪرام عَلَيهِمُ الرِّضوَان جي نالن تي، اولياءِ ڪرام رَحِمَھُمُ اللّٰهُ جي نالن تي نالو رکو، اِن شَآءَ الله الڪرِيم! ان جون برڪتون نصيب ٿينديون. زهي نصيب جيڪڏهن محبوبِ خُدا، سردارِ انبياء صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي بابرڪت نالي تي نالو رکيو وڃي ته ان جي برڪتن جي ڇا ڳالهه ڪجي...! امام حَسَن بصري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه روايت ڪن ٿا: قيامت جي ڏينهن محمد نالي واري هڪ شخص کي الله پاڪ جي بارگاھ ۾ پيش ڪيو ويندو. الله پاڪ ان کي فرمائيندو: اي ٻانها! تنهنجو نالو منهنجي محبوب
صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي نالي تي آهي، ان جي باوُجُود تون گُنَاھ ڪندو رهين، ڇا توکي شرم نه آيو...؟ اهو ٻُڌي اهو شخص شرم سان ڪنڌ جھڪائيندو ۽ پنهنجي گُنَاهن جو اِقرار ڪندي چوندو: اي الله پاڪ! مون گُنَاھ ڪيا آهن۔ هاڻي الله پاڪ جبرائيلِ امين عَلَيهِ السَّلَام کي فرمائيندو: اي جبرائيل! منهنجي ٻانهي جو هٿ پڪڙ ۽ ان کي جنّت ۾ وٺي وڃ، ڇوته محمد نالي واري کي عذاب ڏيڻ کان مون کي حياء ٿئي ٿو۔([1])

آنکھوں کا تارا نامِ مُحَمَّد        دِل کا اُجالا نامِ مُحَمَّد

شیدا نہ کیوں ہوں اس پر مسلماں     ربّ کو ہے پیارا نامِ مُحَمَّد

پائیں مرادیں دونوں جہاں میں      جس نے پُکارا نامِ مُحَمَّد

روزِ قیامت میزان و پُل پر        دے  گا  سہارا  نامِ  مُحَمَّد([2])

صَــلُّـوْا  عَـلَـی   الْـحَبِيْـب!                          صَـلَّـی اللهُ   عَلـٰی   مُـحَـمَّد


 

 



[1]... الاسنی فی شرح اسماء الحسنیٰ و صفاتہ، صفحہ:50-51۔

[2]... قبالۂ بخشش، صفحہ:133-134۔