ALLAH Pak Kay Piyaray Naam

Book Name:ALLAH Pak Kay Piyaray Naam

2.  الله پاڪ کي اَسماءِ حُسنيٰ (پيارن نالن) سان ئي پُڪاريو!

اي عاشقانِ رسول! اَسماءِ حُسنيٰ واري آيت جيڪا شروع ۾ اسان ٻُڌي، ان ۾ اَسماءِ حُسنيٰ جو ذِڪر ڪري الله پاڪ فرمايو:

فَادْعُوْهُ بِهَا۪-  (پاره:9، سورۃ الاعراف:180)

ترجمو ڪنز العرفان: پوءِ اُن کي انهن نالن  سان پڪاريو۔

 يعني جڏهن الله پاڪ جا سمورا نالا چڱا آهن ته الله پاڪ کي انهن چڱن نالن سان پُڪاريو! انهن چڱن نالن جي ذريعي الله پاڪ کان دُعا گھرو...! ([1])

پنهنجن عضوئن کي ڪارائتو بنائڻ جو طريقو

 مشهور مُفَسِّرِ قرآن، حڪيم الاُمَّت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: هن (اَسماءِ حُسنيٰ) واري آيت سڳوري کان پهريان واري آيت (يعني سورۂ اعراف جي آيت:79) ۾ ڪافرن جو ذِڪر آهي ۽ ان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪافِرن وٽ دل ته آهي پر بيڪار آهي ڇو ته اهي دِل سان الله پاڪ جي نشانين ۾ غور نٿا ڪن، ڪافِرن وٽ اکيون ته آهن پر بيڪار آهن ڇو ته اهي اکين سان الله پاڪ جي قُدرت نٿا ڏسن، ڪافِرن وٽ ڪن ته آهن پر بيڪار آهن ڇو ته اهي ڪنن جي ذريعي حق جو، قرآن جو، محبوبِ رحمٰن (صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم) جون ڳالهيون نٿا ٻڌن، هاڻي هن آيت سڳوري ۾ الله پاڪ اسان کي حڪم ڏنو ته اي مسلمانؤ! توهان پنهنجي دِل کي، پنهنجي اکين کي، پنهنجي ڪنن کي، پنهنجي عضوئن کي ڪارائتو بڻايو! ۽ هي هن طرح ٿيندو جو دِل ۾ الله پاڪ جي ياد رکو! ان جي پيارن پيارن، چڱن چڱن، عِزَّت وارن، عظمت وارن نالن کي سمجھو! ڪنن سان انهن نالن کي ٻُڌو، انهن نالن سان الله پاڪ کي پُڪاريو!


 

 



[1]... تفسیرِ نعیمی، پارہ:9، سورۂ اعراف، زیرِ آیت:180، جلد:9، صفحہ:387۔