ALLAH Pak Kay Piyaray Naam

Book Name:ALLAH Pak Kay Piyaray Naam

هنن اَسماءِ حُسنيٰ سان ئي الله پاڪ کي پُڪاريو ۽ ذِڪر ڪريو۔

 تُو ہی مالِکِ بحر و بَر ہے یااللہُ! یااللہ!            تُو ہی خالِقِ جنّ و بشر ہے یااللہُ! یااللہ!

تُو اَبَدِی ہے، تُو اَزَلی ہے، تیرا نام علیم و علی ہے       ذات تری سب سے بَر تَر ہے یااللہُ! یااللہ! ([1])

صَــلُّـوْا  عَـلَـی   الْـحَبِيْـب!                                                                                            صَـلَّـی اللهُ   عَلـٰی   مُـحَـمَّد

 اَسماءِ حُسنيٰ جي برڪت سان دُعا قبول ٿيندي آهي

پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه!  الله پاڪ جي اَسمَاءِ حُسنيٰ جي ذريعي جيڪا دُعا ڪئي وڃي اها قبول ٿيندي آهي۔ حديثِ پاڪ ۾ آهي، الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: الله پاڪ جا 99 نالا آهن، جنهن انهن جي ذريعي دُعا گھري ته الله پاڪ ان جي دُعا قبول فرمائيندو.([2])

سيده عائشه رَضِیَ اللهُ عَنْهَا اَسماءِ حُسنيٰ جي ذريعي دُعا گھري

اُمُّ المُؤمِنِين بي بي عائشه صديقه، طيبه طاهره رَضِیَ اللهُ عَنْهَا فرمائن ٿيون: مون بارگاھ رسالت ۾ عرض ڪيو: يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! مون کي الله پاڪ جو اهو بابرڪت نالو سيکاريو جو جنهن نالي جي ذريعي دُعا گھري وڃي ته الله پاڪ قبول فرمائيندو آهي۔ پياري نبي، مڪي مدني، مُحَمَّد عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: (عائشه!) بيهي رهو! وُضو ڪيو! ٻه رڪعتون نماز ادا ڪيو! پوء دُعا گھرو، مان ٻڌندس (ته ڪيئن دُعا گھرين ٿي)۔ سيده عائشه صديقه رَضِیَ اللهُ عَنْهَا فرمائن ٿيون: مون ايئن ئي ڪيو (يعني وُضو ڪيو ۽ ٻه رڪعتون نماز ادا ڪئي) پوءِ جڏهن دُعا جي لاءِ بيٺيس ته آقاءِ نامدار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم الله


 

 



[1]...وسائِلِ بخشش، صفحہ:92۔

[2]...جامع صغیر، صفحہ:143، حدیث:2370۔