Qurani Talimat Sikhiye Aur Amal Kijiye

Book Name:Qurani Talimat Sikhiye Aur Amal Kijiye

ماڻهو قرآنِ ڪريم جي معني ۾ غور و فِڪر ڪندي، سمجھي تِلاوت ڪن ٿا ۽ قرآنِ ڪريم جيڪو ڪجھ فرمائي ٿو، هن جي تقاضائن تي عَمَل پڻ ڪن ٿا۔([1])

هي آهن تِلاوتِ قرآن جا ٽي حق؛ (1): قرآنِ ڪريم جيئن نازِل ٿيو، ائين پڙھڻ، (2): قرآنِ ڪريم جي معني ۾ غَور و فِڪر ڪرڻ (3): ۽ قرآنِ ڪريم جيڪو ڪجھ فرمائي، ان تي عَمَل ڪرڻ. جيڪي ماڻهو هنن ٽنهي ڳالهين جو لحاظ رکي تِلاوت ڪن ٿا اهي اَصل ۾ ڪامِل طَور تي قرآنِ ڪريم تي ايمان رکندڙ آهن۔

الله پاڪ اسان کي هنن ادبن ۽ حقن جو خيال رکي تلاوت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي۔ آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ۔

قرآنِ ڪريم ”ڪتابِ عَمَل“ آهي

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان وٽ هي مسئلو آهي؛ پهريان ته قرآنِ ڪريم جي تِلاوت ڪري ئي ڪير ٿو؟ پوءِ جيڪي تِلاوت ڪن ٿا، انهن ۾ وڏو تعداد اُنهن ماڻهن جو آهي جيڪي صِرف برڪت جي لاءِ تِلاوت ڪن ٿا، ڪجھ خوش قسمت ماڻهو صبح صبح دُڪان کولندي ئي تِلاوت ڪن ٿا ته جيئن ڪاروبار ۾ برڪت ٿئي، عورتون گھرن ۾ صبح صبح تِلاوت ڪن ٿيون، ڪڏهن ڪنهن کي ڪا مشڪل پيش اچي، ڪو پريشاني ٿئي ته خُوش نصيب، دِيني ذهن رکڻ وارا مدرسي مان شاگردن کي سڏي قرآن خواني ڪرائن ٿا، يقيناً هي سٺي ڳالھ آهي، هن ۾ شڪ نه آهي ته قرآنِ ڪريم برڪت ئي برڪت آهي، قرآنِ ڪريم کي گھر ۾ رکڻ به برڪت، قرآنِ ڪريم کي ڏسڻ به برڪت، قرآنِ ڪريم کي هٿ لڳائڻ به برڪت، قرآنِ ڪريم کي پڙھڻ به برڪت، قرآنِ ڪريم کي سمجھڻ به برڪت


 

 



[1]...تفسیر بیضاوی مع حاشیہ شیخ زادہ، پارہ:1، سورۂ بقرہ، زیرِ آیت:121۔