Qurani Talimat Sikhiye Aur Amal Kijiye

Book Name:Qurani Talimat Sikhiye Aur Amal Kijiye

آهي، قرآنِ مجيد الحمد لله! سڄي جو سڄو برڪت آهي پر هي به ياد رکو! قرآنِ ڪريم صرف برڪت ئي وارو ڪتاب نه آهي، بلڪ عَمَل وارو ڪتاب به آهي۔ قرآنِ ڪريم جي اَصل برڪت سندس (ٻڌايل احڪامن) تي عَمَل ڪرڻ ۾ آهي۔ اسان ٿورو غور ڪيون! هڪ شخص صبح صبح دُڪان کولي ٿو، اتي برڪت جي لاءِ قرآنِ ڪريم جي تِلاوت ڪري ٿو پر ان جو ڪاروبار وياجي آهي، جڏهن هو سامان وڪڻي ٿو ته ڪوڙ ڳالهائي ٿو، ڪوڙا قسم کڻي ٿو، هاڻي ٻڌايو! قرآنِ مجيد ته فرمائي ٿو ته ڪوڙن تي الله پاڪ جي لعنت آهي، قرآنِ شريف وياڄ کائيندڙ سان اِعلانِ جنگ فرمائي ٿو، هاڻي اهڙي شخص کي قرآنِ مجيد مان برڪت ڪيئن ملندي...؟ ان ڪري اي عاشقانِ قرآن! قرآنِ مجيد برڪت وارو ڪتاب به آهي، هن کي برڪت جي لاءِ به ضرور پڙهو، هن سان گڏوگڏ قرآنِ مجيد ڪتابِ عَمَل به آهي، لهٰذا اسان تي لازِم آهي ته اسان قرآنِ ڪريم کي سمجھون ۽ هن تي عَمَل پڻ ڪريون۔

قرآنِ مجيد نُور آهي

سيپاري: 13، سورت ابراهيم، آيت: 1 ۾ الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو:

كِتٰبٌ اَنْزَلْنٰهُ اِلَیْكَ لِتُخْرِ جَ النَّاسَ مِنَ الظُّلُمٰتِ اِلَى النُّوْرِ ﳔ  (پاره13،سورۂ ابراهيم:1)                                           

ترجَمو ڪنزُ العرفان: هي هڪ ڪتاب آهي جيڪو اسان اوهان جي طرف نازل ڪيو آهي ته جيئن اوهان ماڻهن کي انهن جي ربّ جي حڪم سان اونداهين مان روشني جي طرف آڻيو.

پيارا اسلامي ڀائرو! هن آيت سڳوري ۾ غور ڪيو، جڏهن قرآنِ ڪريم نازِل نه ٿيو هو، الله پاڪ جي آخري رسول، رسولِ مقبول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جڏهن