Qurani Talimat Sikhiye Aur Amal Kijiye

Book Name:Qurani Talimat Sikhiye Aur Amal Kijiye

اعلانِ نبوت نه فرمايو هو، ان وقت دُنيا ۾ ڪيتريون اونداهيون پکڙيل هيون، عقيدن جي اونداهي هئي، نظريات جي اونداهي هئي، اَخلاق ۽ ڪردار جي اونداهي هئي، ڪفر ۽ شِرڪ جي اونداهي سڄي دُنيا ۾ پکڙيل هئي، انسان جيڪو اَشرَفُ المخلوقات آهي، هي پنهنجي ئي هٿن سان ٺاهيل شين کي پنهنجو خُدا مڃي انهن جي سامهون ڪنڌ جھڪائيندو هو، ڪو سج کي سجدو ڪندو هو، ڪو وڻن کي خُدا مڃندو هو، اها ڪيتري اونداهي هئي، انسان پنهنجي رُتبي ئي کان اَڻ واقف هو، نياڻين کي زِنده دَفن ڪيو ويندو هو، بي حيائي عام هئي، ڪيئي ملڪن ۾ ايستائين بي حيائي هئي جو ماڻهو پنهنجي سڳي ماءُ سان نِڪاح کي جائز قرار ڏيندا هئا، قتل ۽ غارت گري عام هئي، مطلب؛ سڄي دُنيا اوندھين ۾ غرق هئي، پوءِ الله پاڪ پنهنجي پياري حبيب، دلين جي طيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي قرآنِ ڪريم جو نُور نازِل فرمايو ۽ قرآنِ ڪريم نازِل ٿيڻ جو هڪ مقصد بيان ڪندي رب پاڪ ارشاد فرمايو:

لِتُخْرِ جَ النَّاسَ مِنَ الظُّلُمٰتِ اِلَى النُّوْرِ ﳔ  (پاره13،سورۂ ابراهيم:1)                                           

ترجَمو ڪنزُ العرفان: ته جيئن اوهان ماڻهن کي انهن جي ربّ جي حڪم سان اونداهين مان روشني جي طرف آڻيو.

يعني اي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! دُنيا اونداھي ۾ غرق هئي، اسان قرآنِ ڪريم جو نُور اوهان تي نازِل فرمايو، اوهان ماڻهن کي قرآنِ ڪريم ٻڌائي، قرآنِ ڪريم پڙھائي، قرآنِ ڪريم جي نُوراني تعليمات کي عام فرمائي ماڻهن کي اونداھين کان نُور ڏانهن وٺي اچو!

پوءِ ايئن ئي ٿيو؛ الله پاڪ جي آخري رسول، رسولِ مقبول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ماڻهن کي قرآن ٻُڌايو، قرآنِ ڪريم جي معنائون بيان ڪيون، قرآنِ ڪريم جا