Qurani Talimat Sikhiye Aur Amal Kijiye

Book Name:Qurani Talimat Sikhiye Aur Amal Kijiye

راز اُنهن جي سينن ۾ لاٿا ۽ اهي ئي ماڻهو جيڪي پاڻ کان حقير شين کي پنهنجو خُدا بڻائي ويٺا هئا، انهن کي هڪ الله وَحْدَہٗ لَاشَرِیْک جي سامهون سجده ريز ڪري ڇڏيو، جيڪي اخلاقيات جي اونداهين ۾ هئا، انهن کي اعليٰ اخلاق ۽ ڪردار وارو بڻائي ڇڏيو، اهي جيڪي نياڻين کي زِندھ دَفن ڪندا هئا، انهن کي نياڻين جو مُحَافِظ بڻائي ڇڏيو، اهي جيڪي بي حيائي جي اونهي کڏ ۾ ڪِريل هئا، انهن کي باحيا بڻائي ڇڏيو، اهو ئي قرآنِ ڪريم آهي، جنهن جي ذريعي جهالت جي اونداهي ختم ٿي، اهو ئي قرآنِ ڪريم آهي جنهن جي ذريعي ڪفر ۽ شرڪ جي اونداهي پري ٿي، اهو ئي قرآنِ ڪريم آهي جنهن جي ذريعي اخلاق ۽ ڪردار ۾ نُور اچي ويو، اهوئي قرآنِ ڪريم آهي جنهن جي ذريعي فقط نالي جو انسان حقيقي انسان بڻجي ويو، اهو ئي  قرآنِ ڪريم آهي جنهن جي تعليمات کي عام ڪري سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سڄي دُنيا ۾ نُور ئي نُور پکيڙي ڇڏيو۔

 ڊاڪٽر اِقبال چوي ٿو:

وہ دانائے سُبُل، ختمِ رُسُل، مولائے کُل جس نے      غُبارِ راہ کو بخشا فروغِ وادئ سینا

وضاحت: دانائے سُبُل: يعني هادِي، رستن کي ڄاڻڻ وارو۔ ختمِ رُسُل: يعني سڀ کان آخري نبي، مولائے کُل: سڀني جا آقا، سڀني جا مولا جنهن رستي جي غبار کي رَشڪِ طور بڻائي ڇڏيو۔

اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جا ڀاءُ مولانا حَسَن رضا خان رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا:

کھلی اسلام کی آنکھیں، ہوا سارا جہاں روشن     عرب کے چاند صدقے! کیا ہی کہنا تیری طلعت کا

وضاحت: اي پيارا محبوب! اي عرب جا چنڊ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! مان اوهان جي