Qurani Talimat Sikhiye Aur Amal Kijiye

Book Name:Qurani Talimat Sikhiye Aur Amal Kijiye

صدقي وڃان، اوهان اِعلانِ نبوّت ته ڇا فرمايو، اسلام جي برڪت سان پُوري دُنيا روشن ٿي وئي۔

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

قرآنِ ڪريم اونداهيون ختم ڪري ڇڏيون!

هڪ ڀيري هڪ شخص بارگاھ رسالت ۾ حاضِر ٿي عرض ڪيو: يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! جاهليت واري زماني ۾ (يعني قرآنِ ڪريم جو نُور پکڙجڻ کان پهريان) اسان شِرڪ جي اونداهين ۾ گم هئاسين ۽ پنهنجي اَولاد کي ماري ڇڏيندا هئاسين، منهنجي هڪ پياري نياڻيء هئي، جڏهن مان ان کي سڏيندو هئس ته هوءَ خوش ٿيندي هئي، هڪ ڏينهن مون ان کي سڏيو ته هوء خوشي خوشي منهنجي پويان هلڻ لڳي، اسان ويجھو ئي هڪ کوھ تي پهتاسين، مون پنهنجي گلن جهڙي نياڻيء جو هٿ پڪڙي ان کي کوھ ۾ اڇلائي ڇڏيو (افسوس! منهنجي پياري نياڻي رَوئي رَوئي) بابا! بابا! چوندي رهي(۽ مان اتان کان موٽي آيس)۔ اها دردناڪ ڳالھ ٻُڌي رحمتِ عالَم نُورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مبارڪ اکين مان لڙڪ وهڻ لڳا، پوءِ پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: اِسلام جاهليت واري زماني ۾ ٿيندڙ گُنَاهن کي مٽائي ڇڏي ٿو۔([1])

اي عاشقانِ رسول! هي آهي قرآنِ ڪريم جو پکيڙيل نُور...! غور فرمايو! دُنيا عقيدن ۽ نظرين ۽ اَخلاق ۽ ڪردار جي ڪهڙين ڪهڙين اونداهين ۾ ڪريل هئي، الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ قرآنِ ڪريم جي تعليمات کي عام فرمائي اهڙو نُور ڦھلايو، اهڙو نُور ڦهلايو جو الحمد لله! اهي ئي جاهليت واري دور جا ماڻهو قيامت تائين ايندڙ ماڻهن جي لاءِ  مثال


 

 



[1]...سنن دارمی، باب:ماکان علیہ الناس قبل مبعث النبی، صفحہ:23، حدیث:2 ملتقطاً۔