Qurani Talimat Sikhiye Aur Amal Kijiye

Book Name:Qurani Talimat Sikhiye Aur Amal Kijiye

(Role Model) بڻجي ويا۔

کھلی اسلام کی آنکھیں، ہوا سارا جہاں روشن   عرب کے چاند صدقے! کیا ہی کہنا تیری طلعت کا

صَــلُّـوْا  عَـلَـی   الْـحَبِيْـب!                         صَـلَّـی اللهُ   عَلـٰی   مُـحَـمَّد

مُعَاشَري ۾ پکڙيل اونداھي

پيارا اسلامي ڀائرو! هينئر اسان سُورت ابراهيم جي جيڪا آيت سڳوري ٻُڌي، هن ۾ قرآنِ ڪريم جي نازل ٿيڻ جو هڪ مقصد بيان ٿيو:

لِتُخْرِ جَ النَّاسَ مِنَ الظُّلُمٰتِ اِلَى النُّوْرِ ﳔ  (پاره13،سورۂ ابراهيم:1)                                           

ترجَمو ڪنزُ العرفان: ته جيئن اوهان ماڻهن کي انهن جي ربّ جي حڪم سان اونداهين مان روشني جي طرف آڻيو.

هن مان معلوم ٿيو؛ اهي ڳالهيون جيڪي قرآنِ ڪريم جي نازِل ٿيڻ کان پهريان عام هيون ۽ الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ   قرآن  جو نظام عام فرمائي اُنهن کي بدلي ڇڏيو يعني حُضُور جانِ ڪائنات صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ دُنيا کي جن شين مان ڪڍيو اهي سڀ اونداهيون آهن ۽ جنهن طرف ڪڍيو اهو نُور ئي نُور آهي۔ مثال طور ماڻهو ڪفر ۾ ڀٽڪي رهيا هئا، حُضُور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ انهن کي ايمان ڏانهن سڏيو، لهٰذا ڪفر اونداهي آهي ۽ ايمان نُور آهي۔ اهڙي طرح غور ڪندا وڃو! حُضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ نماز جو حڪم ڏنو، لهٰذا نماز پڙھڻ نُور آهي ۽ نماز نه پڙھڻ اونداهي آهي، حُضُور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ رمضان جا روزا رکڻ جو حڪم ڏنو، لهٰذا رمضان جا فرض روزا رکڻ نُور آهي ۽ بِلاعُذرِ شرعي روزا قضا ڪرڻ انڌيرو آهي، حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ وياج کان منع فرمايو، لهٰذا وياج کان بچڻ نُور آهي ۽ وياج جو ڏيڻ وٺڻ انڌيرو آهي، حُضُور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ