Qurani Talimat Sikhiye Aur Amal Kijiye

Book Name:Qurani Talimat Sikhiye Aur Amal Kijiye

بي حيائي کان منع فرمايو، لهٰذا حيا نُور آهي ۽ بي حيائي اونداهي آهي، اهڙي طرح اهي سموريون بُرائيون جن ۾ جاهليت واري دور جا ماڻهو مُلوث هئا، اهو اونداهي ئي اونداهي آهي ۽ قرآنِ ڪريم جن ڳالهين جو حڪم ڏنو، اهو سڀئي نُور ئي نُور آهي۔

هاڻي اسان ٿورو پنهنجي معاشري تي نظر وجھون، اهي سمورا نُور اڄ ڪٿي آهن؟ نماز نُور آهي پر اسان وٽ نمازي گھٽ آهن ۽ گھٽ ٿيندا پيا وڃن، وياج کان بچڻ قرآن جي تعليم آهي پر وياج جي لعنت عام ٿيندي پئي وڃي، حيا قرآنِ ڪريم جي تعليم آهي پر بي حيائي عام ٿيندي پئي وڃي، پاڪيزه ڪاروبار قرآن جي تعليم آهي پر اسان وٽ ڪارو بار ۾ ڌوڪو، ماپ تور ۾ ڪمي عام ٿيندي پئي وڃي، سڄي زندگي عبادت ۾ گذارڻ قرآن جي تعليم آهي پر عبادت جو ذوق گھٽ کان گھٽ ٿيندو پيو وڃي، مُعاف ڪرڻ قرآنِ ڪريم جي تعليم آهي پر اسان وٽ ڀاءُ ڀاءُ جو گريبان پڪڙي رهيو آهي، قتل و غارت، لڙائي جھيڙا وڌندا پيا وڃن، افسوس! ڪافِر معاشرن جي انڌي تقليد مسلمانن کي غلط راھ جو مُسَافِر بڻائي ڇڏيو آهي۔ ياد رکو! جيڪڏهن اسان ترقي چاهيون ٿا، جيڪڏهن اسان ڪاميابي چاهيون ٿا، جيڪڏهن اسان ٻيهر  عُروج چاهيون ٿا ته هن جو صِرف ۽ صِرف هڪ ئي طريقو آهي ۽ اهو هي آهي ته اسان قرآنِ ڪريم کي مضبوطي سان پڪڙيون، اِخلاص سان قرآنِ ڪريم تي عَمَل ڪندڙ ٿي وڃون، جيڪڏهن اسان هن کان عِلاوه ڪنهن ٻي هنڌان ترقي ڳولهينداسين ته ذِلّت ۽ رُسوائي کان سواءِ ٻيو ڪجھ به هٿ نه ايندو۔ صحابي رسول، حضرت عبد الله بن مسعود رَضِىَ اللهُ عَنه فرمائن ٿا: اِنَّ الْقُرْآنَ شَافِعٌ وَمُشَفَّع قرآن ڪريم شفاعت ڪرڻ وارو آهي ۽ ان جي شفاعت قبول به ڪئي ويندي فَمَنْ جَعَلَہٗ اِمَامَہٗ قَادَہٗ اِلَی الْجَنَّۃِ جيڪو قرآنِ ڪريم کي پنهنجو امام ۽ پيشوا بنائيندو، قرآن