Qurani Talimat Sikhiye Aur Amal Kijiye

Book Name:Qurani Talimat Sikhiye Aur Amal Kijiye

مجيد ان کي جَنّت ۾ وٺي ويندو وَ مَنْ جَعَلَہٗ خَلْفَہٗ سَاقَہٗ اِلَی النَّار ۽ جيڪو قرآنِ ڪريم کي ڇڏي ڏيندو، (يعني عمل نه ڪندو) قرآنِ ڪريم ان کي جهنّم ۾ ڌڪي ڇڏيندو۔([1])

درسِ قرآن جو ہم نے نہ بھلایا ہوتا    یہ زمانہ نہ زمانے نے دکھایا ہوتا

قرآن کان سواءِ ڪاميابي جي ڪا راهه نه آهي

سيپاري: 6، سورت مائده، آيت: 68 ۾ الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو:

قُلْ یٰۤاَهْلَ الْكِتٰبِ لَسْتُمْ عَلٰى شَیْءٍ حَتّٰى تُقِیْمُوا التَّوْرٰىةَ وَ الْاِنْجِیْلَ

ترجمو ڪنز العرفان: اوهان فرمايو: اي ڪتاب وارؤ جيستائين توهان توريت ۽ انجيل ۽ جيڪو ڪجھ توهان جي طرف توهان جي  رب جي طرف کان نازل ڪيو ويو آهي ان کي قائم نٿا رکو ته توهان ڪنهن  شيءِ تي ناهيو.

 حضرت سفيان بِن عُيينه رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه عِلمِ حديث جا تمام وڏا عالِم آهن، پاڻ فرمائن ٿا: قرآنِ ڪريم جي هي آيت سڳوري مون لاءِ تمام آيتن کان ڳري آهي۔([2])

مطلب هي ته اهي ماڻهو جن کي تَورات شريف عطا ڪئي وئي هئي، جن کي انجيل عطا ڪئي وئي هئي، هن آيت سڳوري ۾ انهن کي فرمايو ويو: اي اَهلِ ڪتاب! جيستائين توهان الله پاڪ جي نازل ڪيل ڪتاب کي پُوري طرح اپنائيندؤ نه، هن تي چڱي طرح عَمَل نه ڪندؤ، اسان جي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو ڪلمو نه پڙهندؤ، ان وقت تائين توهان جي ڪا حيثيت نه آهي۔


 

 



[1]...مُصَنَّف عَبْدُ الرَّزَاق، باب: تعلیم القران، جلد:3، صفحہ:229، حدیث:6030۔

[2]...بخاری، کتاب التفسیر، باب: سورۃ المائدہ، صفحہ:1143 ۔