Qurani Talimat Sikhiye Aur Amal Kijiye

Book Name:Qurani Talimat Sikhiye Aur Amal Kijiye

اهڙي طرح اسان به ڪتَاب وارا آهيون، اسان کي الله پاڪ قرآنِ ڪريم جي نعمت سان نوازيو آهي، لهٰذا اسان به جيستائين قرآنِ ڪريم تي پُوري طرح عَمَل پيرا نٿا ٿيون، اسان جي به ڪا حيثيت، ڪا وَقعت نه آهي۔

معلوم ٿيو؛ جيڪڏهن اسان دُنيا ۽ آخرت ۾ پنهنجي ڪا حيثيت چاهيون ٿا، ته اُن جي صِرف هڪ ئي  واٽ آهي، اها هي ته اسان قرآنِ ڪريم تي پُوري طرح عَمَل ڪيون، هن قرآن جي ذريعي الله پاڪ عِزّت ۽ وَقار عطا فرمائي ٿو، اسان کي ترقي جڏهن به ملي آهي، هن قرآن جي ذريعي ملي آهي ۽ قيامت تائين جڏهن به مسلمان ترقي ڪندا، هن قرآن جي ذريعي حاصِل ڪندا، هن کان سواءِ  ٻئي ڪا واٽ نه آهي۔

ترقي جي اَصل واٽ

اي عاشقانِ رسول! اڄ جيڪڏهن اسان ٿورو غور ڪريون! اسان وٽ عام طور تي ماڻهو پاڻ ۾ ڳالهيون ۽ تبصرا ڪندي چوندا آهن: ڪافِر ترقي ڪري ويا، ڪافِر چنڊ تي پهچي ويا، وغيره وغيره۔ جيڪڏهن حقيقي نگاھ سان ڏسجي ته اَصل ۾ ترقي ڪافِرن ناهي ڪئي، بلڪ اسان پوئتي رهجي ويا آهيون۔ هن ڳالھ کي هڪ مثال ذريعي سمجھو! هڪ شخص ڪار هلائي رهيو هجي ۽ ٻيو موٽر سائيڪل تي سوار هجي ته يقيناً ڪار جي رفتار گھڻي هوندي آهي، لهٰذا ڪار اڳتي نڪري ويندي پر جيڪڏهن اهو ڪار وارو ڪار 40 جي اسپيڊ تي هلائي رهيو هجي ۽ موٽر سائيڪل وارو 80 جي رفتار سان وڃي رهيو هجي ته يقيناً موٽر سائيڪل وارو اڳتي نڪري ويندو۔ هاڻي اسان ڇا چونداسين؟ موٽر سائيڪل ڪار کان وڌيڪ تيز رفتار آهي؟ نه...!! بلڪ اسان چونداسين ته تيز رفتار ته ڪار ئي آهي پر ڪار واري پاڻ وٽ موجود سهولتن کي استعمال ڪرڻ ۾ سستي سان ڪم ورتو آهي۔