Qurani Talimat Sikhiye Aur Amal Kijiye

Book Name:Qurani Talimat Sikhiye Aur Amal Kijiye

اهو ئي حال اسان جو به آهي، 100 فيصد يقيني ترقي جا، ڪاميابي جا، رفعت ۽ بلندي جا جيڪي سبب ۽ ذريعا آهن مسلمانن وٽ آهن، دُنيا جي ٻي ڪنهن قوم وٽ نه آهن، پر اَلميو اهو آهي ته اسان اهي ذريعا غلاف ۾ ويڙهي الماري جي زينت بڻائي ڇڏيا آهن۔ جيڪڏهن مسلمان واقعي صحيح معني ۾ قرآنِ ڪريم جي نِظامِ زِندگي کي اَپنائن ته يقين مڃو! اسان جو معاشرو ڏينهن ۾ ترقي ڪري سگھي ٿو ۽ اهو صِرف جذباتي نه بلڪه حقيقت آهي۔ هن جو صِرف هڪ مِثَال ٻڌو!

حضرت عُمر بن عبد العزيز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو دَورِ خِلافت

ڏسو! اڄ جي دَور ۾ تقريباً هر پاسي غربت جو روئڻ ڌوئڻ ٿئي رهيو آهي۔ هن غُربت کي ختم ڪرڻ جي لاءِ کوڙ سارا طريقا اپنايا ويا آهن ۽ اڄ به اپنايا  وڃن پيا، اوڻهين صدي عيسوي ۾ يعني اڄ کان اٽڪل 150 سال پهريان دُنيا ۾ ڪيئي انقلاب آيا، مَعِيشَت جا ڪيئي نِظَام مثلاً سوشل اِزم، ڪميونزم (Communism) وغيره قائِم ٿيا، انهن سڀني جو هڪ ئي نعرو هو: غُربت مٽايو...! ڪڏهن مزدورن جي حقن جي ڳالھ ڪئي وئي، ڪڏهن روٽي ڪپڙي جي ڳالھ ڪئي وئي، ڪڏهن غريبن جي حقن جي ڳالھ ڪئي وئي، سرمائيداراڻا نِظَام بڻيا ۽ اهي سمورا نظام اڄ به دُنيا جي مختلف ملڪن ۾ رائِج آهن پر افسوس! 150 سال يا هن کان به وڌيڪ عرصو گذري چُڪو آهي، هن مان ڪو به مَعِيشت جو نظام اڃا تائين غُربت ختم ناهي ڪري سگھيو، بلڪ ختم ڪرڻ ته پري جي ڳالھ ڏينهون ڏينهن غُربت وڌي پئي وڃي، گھٽ نه پئي ٿئي۔

هاڻي ٿورو قرآنِ ڪريم جي پاڪيزه نِظَام ڏانهن نگاھ وجھو! حضرت عمر بن عبد العزيز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه وڏي رُتبي وارا ۽ عدل ڪندڙ حڪمران هئا، پاڻ تقريباً 30 مهينا يعني اڍائي سال حڪومت ڪئي ۽ هنن 30 مهينن ۾ درست انداز ۾