Qurani Talimat Sikhiye Aur Amal Kijiye

Book Name:Qurani Talimat Sikhiye Aur Amal Kijiye

قرآني نِظَام لاڳو ڪيائون، پوءِ هن پاڪيزه نِظَام جون جيڪي برڪتون ظاهر ٿيون انهن مان هڪ هي به هئي ته حضرت عمر بن عبدالعزيز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي دَورِ خِلافت ۾ زڪوٰة ڏيڻ وارا ته کوڙ هئا پر زڪوٰة وٺڻ وارو غريب نه ملندو هو۔ حضرت عمر بن عبد العزيز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جا گورنر کين خط لکندا هئا:  سائين! زڪوٰة جي رقم جمع آهي پر ڪو اهڙو غريب نه پيو ملي، جنهن کي  ڏئي زڪوٰة ادا ڪجي۔

اي عاشقانِ رسول! غور فرمايو! ڪٿي 150 سال جو عرصو ۽ ڪٿي صرف 30 مهينا...! ۽ نتيجو ڏسو! هيڏانهن 150 سالن ۾ دُنيا جي وڏن وڏن فلسفين جي بڻايل نِظَامن غُربت مٽائڻ ته رهيو پر گھٽ به نه ڪري سگھيا ۽ هوڏانهن حضرت عمر بن عبد العزيز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه صِرف 30 مهينن ۾ الله پاڪ جو ٻڌايل پاڪيزه نِظَام لاڳو ڪيو ته غربت ختم ٿي وئي۔ هي آهي قرآنِ ڪريم جي برڪت...! معلوم ٿيو؛ انسانن جي ترقي ۽ ڪاميابي جي صِرف ۽ صِرف هڪ راھ آهي ۽ اها آهي؛ قرآنِ ڪريم تي درست انداز ۾ عَمَل ڪرڻ۔ پر افسوس! اسان قرآنِ ڪريم تي غِلاف چاڙهي ان کي المارين جي زينت بڻائي ڇڏيو آهي، هتي وضاحت ڪندو هلان؛ قرآنِ ڪريم جو ادب ڪرڻ ته سٺو آهي پر صِرف ادب نه بلڪ قرآنِ ڪريم جي تِلاوت به ڪرڻي آهي، هن کي سمجھڻو به آهي، هن تي عَمَل به ڪرڻو آهي، افسوس! افسوس! اهو پاڪيزه قرآن جيڪو ٻنهي جهانن ۾ اسان جي ڪاميابي جو پيغام کڻي آيو آهي، اسان الله پاڪ جي هن پاڪيزه ڪلام کان منهن موڙي ڇڏيو آهي...!

قرآنِ ڪريم جي هڪ آيت تي عَمَل جي برڪت

حضرت فضيل بِن عياض رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه تمام وڏا الله جا ولي ٿي گذريا آهن، توبه کان پهريان پاڻ  تمام وڏا ڌاڙيل هئا ۽ واقعي خوفناڪ ڌاڙيل هئا، ماڻهو سندن نالي کان ڊڄندا هئا، پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه قرآنِ مجيد جي صِرف هڪ آيت تي عمل ڪيو،