Qurani Talimat Sikhiye Aur Amal Kijiye

Book Name:Qurani Talimat Sikhiye Aur Amal Kijiye

هڪ ڏينهن پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هڪ قافلي ڏانهن وڌيا، قافلي ۾ هڪ شخص قرآنِ ڪريم جي تِلاوت ڪري رهيو هو، ان سيپاري 27 ، سُورَة الحَدِيد جي آيت: 16 پڙھي:

اَلَمْ یَاْنِ لِلَّذِیْنَ اٰمَنُوْۤا اَنْ تَخْشَعَ قُلُوْبُهُمْ لِذِكْرِ اللّٰهِ (پاره27،سورةالحديد:16)                          

ترجمو ڪنزالعرفان: ڇا ايمان وارن جي لاءِ اهو وقت نه آيو ته انهن جون دليون الله جي ياد لاءِ جهڪي وڃن.

اها آيت ٻڌندي ئي حضرت فضيل رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو حال ايئن ٿي ويو جيئن ڪنهن سندن دل تي تير هنيو هجي، پاڻ فرمايائون الٰهي! هو وقت اچي ويو آهي ته اسان تنهنجي راھ تي هلون پوء پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه زارو  قطار روئڻ لڳا([1])

حضرت فضيل رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هن هڪ آيت تي پنهنجو مٿو بارگاھ خداوندي ۾ جهڪائي ڇڏيو، ان جون تقاضائون پوريون ڪيائين، توبه ڪئي، جن ماڻهن جو مال کسيو هو، اهو سڀ واپس موٽائي ڏنو، عِلمِ دين سکيائون، عبادت ۽ رياضت ۾ مَصرُوف ٿيا، پوءِ الله پاڪ سندن کي اهڙو مقام عطا فرمايو جو پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هڪ ڀيري مِنيٰ شريف ۾ هڪ جبل تي مَوجُود هئا، پاڻ فرمايائون: جيڪڏهن ڪو وَلِي الله هن جبل کي حڪم ڏي ته اي جبل ڊگھو ٿي وڃ ته جبل يڪدم ڊگھو ٿي ويندو۔ بَس ايترو چوڻ جي دير هئي جو جبل ڊگھو ٿيڻ شروع ٿي ويو، پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمايو: اي جبل! بيهي رھ...!! مون تو کي حڪم ناهي ڏنو۔ اهو ٻڌندي ئي جبل يڪدم ساڪن ٿي ويو۔ ([2])

چاہیں تو اشاروں سے اپنے کایا ہی پلٹ دیں دنیا کی


 

 



[1]...تذکرۃ الاولیاء، صفحہ:61۔

[2]...جامع کرامات اولیاء، صفحہ:664۔