Qurani Talimat Sikhiye Aur Amal Kijiye

Book Name:Qurani Talimat Sikhiye Aur Amal Kijiye

یہ شان ہے اُن کے غلاموں کی، سرکار کا عالم کیا ہو گا

اي عاشقانِ رسول! ڏٺو اوهان! شروع ۾ حضرت فضيل رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه صِرف هڪ آيت تي بارگاھ خداوندي ۾ مٿو جهڪايو، پوءِ قرآن وحديث جي تعليمات تي عمل ڪيائون ته الله پاڪ ڪيترو بلند رُتبو عطا ڪيو...!

اُهي معزز هئا  زماني ۾ مسلمان ٿئي

پيارا اسلامي ڀائرو! اها حقيقت آهي ته مسلمانن جڏهن به قرآنِ ڪريم کان منهن موڙيو، ته انهن کي ذِلَّت ۽ رُسوائي  کان علاوه  ٻيو ڪجھ به هٿ نه آيو، الحمد لله! صحابه ڪرام عَلَيۡهِمُ الرِّضۡوَان، تابعين، بزرگانِ دين، الله پاڪ جا نيڪ ٻانها قرآنِ ڪريم تي عَمَل ڪرڻ وارا هئا، قرآنِ ڪريم سان لاڳاپيل هئا، اهي پنهنجي زِندگي جو هڪ هڪ ڪم قرآن ۽ سُنّت جي روشني ۾ ڪندا هئا ۽ ان تي استقامت سان قائِم رهندا هئا، نتيجي ۾ الله پاڪ انهن کي عُروج به عطا فرمايو هو، زماني ۾ اُنهن جي عِزَّت به هئي، انهن کي ترقي به حاصِل هئي ۽ هر ميدان ۾ ڪاميابي انهن جا قدم چُمندي هئي۔ جيڪڏهن اسان صحابه ڪرام عَلَيۡهِمُ الرِّضۡوَان ۽ پنهنجي بزرگن جي زِندگي جو نمونو ڏسون ته رشڪ اچي ٿو ته اهي ڪيڏا بلند رُتبي وارا ماڻهو هئا، هوڏانهن قرآنِ ڪريم انهن کي ڪجھ حڪم ڏيندو هو، هيڏانهن هو ان تي عمل پيرا ٿي ويندا هئا، قرآن جو حڪم ملڻ کان بعد گھڙي کن لاءِ به دير ڪرڻ انهن کي پسند نه هوندو هو۔

پسنديده باغ صدقو ڪري ڇڏيائون

بُخَاري شريف جي حديثِ پاڪ آهي؛ حضرت اَبُو طلحه انصاري رَضِىَ اللهُ عَنۡه وڏا مالدار هئا، کين پنهنجي مال ۾ بَيرُحاء نالي باغ گھڻو پسند هو، جڏهن اها آيت سڳوري نازِل ٿي: