Qurani Talimat Sikhiye Aur Amal Kijiye

Book Name:Qurani Talimat Sikhiye Aur Amal Kijiye

لَنْ  تَنَالُوا  الْبِرَّ  حَتّٰى  تُنْفِقُوْا  مِمَّا  تُحِبُّوْنَ  ﱟ   (پاره4،سورةآل عمران:92)      

ترجمو ڪنز العرفان: توهان هرگز ڀلائي کي حاصل نه ڪري سگهندؤ جيسيتائين خدا جي راھ ۾ پنهنجي پياري شيءِ خرچ نه ڪيو.

ته حضرت اَبُو طلحه انصاري رَضِىَ اللهُ عَنۡه بارگاھ رسالت ۾ حاضِر ٿي عرض ڪيو: يا رسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! مون کي پنهنجي مال ۾ بَيرُحاء نالي باغ سڀ کان پيارو آهي، مان ان باغ کي الله پاڪ جي راھ ۾ صدقو ڪيان ٿو۔([1])

پنهنجو آواز آهسته رکو...!

اهڙي طرح الله پاڪ سُورت حُجُرات ۾ پنهنجي محبوب نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي درٻارِ عالي وقار جو اَدب بيان ڪندي فرمايو:

یٰۤاَیُّهَا الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا لَا تَرْفَعُوْۤا اَصْوَاتَكُمْ فَوْقَ صَوْتِ النَّبِیِّ  (پاره26،سورةالحجرات:2)                                    

ترجو ڪنزالعرفان: اي ايمان وارؤ پنهنجي آوازن کي نبي جي آواز کان بلند نه ڪيو.

روايتن ۾ آهي، جڏهن اها آيت سڳوري نازِل ٿي ته صحابه ڪرام عَلَيۡهِمُ الرِّضۡوَان پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي سامهون تمام آهسته آواز ۾ ڳالھائڻ جو معمول بڻائي ورتو، مسلمانن جي پهرين خليفي حضرت ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنۡه ان وقت قسم کنيو ته مان آينده حُضُور جانِ ڪائنات، فخرِ موجودات صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي سامهون سرگوشي واري انداز ۾ گفتگو ڪندس.([2]) ۽ مسلمانن جي ٻئين خليفي حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه جو حال هي هو


 

 



[1]...بخاری، کتاب:التفسیر، باب:ال عمران، صفحہ:1117، حدیث:4554ملتقطاً۔

[2]...کنز العمال، کتاب:الاذکار، فصل:التفسیر سورۃ الحجرات، جلد:1، صفحہ:214، جز:2، حدیث:4604۔