Qurani Talimat Sikhiye Aur Amal Kijiye

Book Name:Qurani Talimat Sikhiye Aur Amal Kijiye

جو پاڻ تمام آهسته آواز ۾  گفتگو ڪندا هئا ايستائين جو ڪڏهن ڪڏهن حُضُورِ اڪرم، نُورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي پڇڻو پوندو هو ته ڇا پيا چئو؟([1])

اي عاشقانِ رسول! صحابه ڪرام عَلَيۡهِمُ الرِّضۡوَان جي خُوبصُورت انداز تي غور فرمايو! هي پاڪ ماڻهو قرآنِ ڪريم تي ڪيتري قدر ديوانگي  ۽ استقامت سان عَمَل ڪندا هئا، هوڏانهن قرآني آيتون نازِل ٿيون ۽ هيڏانهن هي عظيم ماڻهو ان تي عَمَل ڪرڻ لڳندا هئا۔

شراب جا ڀريل مٽ هاري ڇڏيا...!

شراب پهريان حرام نه هو، عرب جا ماڻهو وڏي شوق سان شراب پيئندا هئا، صحابه ڪرام عَلَيۡهِمُ الرِّضۡوَان کي به هن جي عادَت هئي پر پوءِ الله پاڪ شراب کي حرام قرار ڏئي ڇڏيو، ارشاد ٿيو:

یٰۤاَیُّهَا الَّذِیْنَ اٰمَنُوْۤا اِنَّمَا الْخَمْرُ وَ الْمَیْسِرُ وَ الْاَنْصَابُ وَ الْاَزْلَامُ رِجْسٌ مِّنْ عَمَلِ الشَّیْطٰنِ فَاجْتَنِبُوْهُ لَعَلَّكُمْ تُفْلِحُوْنَ(۹۰)

                                                                                                                                                                                                                            (پاره:7، سورۂ مائده:90)

ترجمو ڪنز العرفان: اي ايمان وارؤ! شراب ۽ جوا ۽ بت ۽ قسمت معلوم ڪرڻ جا تير ناپاڪ شيطاني ڪم آهن سو انهن کان بچندا رهو ته جيئن توهان ڪامياب ٿيو.

هڪ ڏينهن ڪجھ صحابي سڳورا عَلَيۡهِمُ الرِّضۡوَان حضرت ابوطلحه اَنصاري رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي گھر ۾ جمع هئا ۽ شراب جا جام هلي رهيا هئا، حضرت انس بن مالِڪ رَضِىَ اللهُ عَنۡه فرمائن ٿا: مان شراب جا جام ڀري ڀري پيش ڪري رهيو هئس، ايتري ۾ گھٽي مان هڪ آواز آيو: ٻُڌو...! بيشڪ شراب حرام ڪيو ويو آهي۔


 

 



[1]...ترمذی، کتاب: التفسیر، باب: سورۃ الحجرات، صفحہ:518، حدیث:3266۔