Qurani Talimat Sikhiye Aur Amal Kijiye

Book Name:Qurani Talimat Sikhiye Aur Amal Kijiye

حضرت انس بن مالِڪ رَضِىَ اللهُ عَنۡه فرمائن ٿا: بَس اهو آواز ٻُڌڻ جي دَير هئي، صحابه ڪرام عَلَيۡهِمُ الرِّضۡوَان مون کي فرمايائون: اي اَنس! هن شراب کي هاري ڇڏيو...!

الله اڪبر! اي عاشقانِ رسول! غور فرمايو! ڇا ته خوبصُورت انداز آهي؟ ڪيتري ڪمال اِطَاعت آهي۔ شراب پيئڻ جي عادَت آهي، صحابه ڪرام عَلَيۡهِمُ الرِّضۡوَان شراب پي رهيا آهن، گھٽيءَ  ۾ صِرف اِعلان ٿيو آهي، اهڙي صُورتِ حال هجي ته ماڻهو خبر جي تَصدِيق ڪندو آهي، ڏسندو آهي ته هي اِعلان ڪرڻ وارو سچ به چئي رهيو آهي يا نه،  ڪڏهن ڪڏهن زبان مان تعجب جا ڪجھ لفظ نڪرندا آهن، اهڙي خبر ٻُڌي ماڻهو حيرت ڪندو آهي ته ”اڙي! هي ڪڏهن جو واقعو آهي“ هي ڪيئن ٿي سگھي ٿو؟ پر قربان وڃجي! حضرت انس رَضِىَ اللهُ عَنۡه فرمائن ٿا:  رڳو گهٽيءَ ۾ اِعلان ٿيو، صحابه ڪرام عَلَيۡهِمُ الرِّضۡوَان اهو به نه چيو ته هي ڪڏهن جو واقعو آهي، هن ڳالھ جو انتظار به نه ڪيائون ته ”خبر جي تَصدِيق ٿي وڃي، پوءِ ڇڏينداسين“۔ نه...! ايئن ڪجھ نه ٿيو، هوڏانهن گھٽيءَ ۾ اِعلان ٿيو، هيڏانهن صحابي سڳورن عَلَيۡهِمُ الرِّضۡوَان شراب جا مٽ  گهٽين ۾ هاري ڇڏيا۔([1])

هي آهي صحابه ڪرام عَلَيۡهِمُ الرِّضۡوَان جو خوب صُورت انداز...! اندازو ڪيو! هي بلند رُتبي وارا ماڻهو ڪيتري شوق ۽  ديوانگي سان قرآنِ ڪريم سان وابسته هئا...! الله اڪبر!

ڪنيز کي آزاد ڪري ڇڏيو

حضرت امام زَينُ العابدين رَضِىَ اللهُ عَنه امامِ حُسَين رَضِىَ اللهُ عَنه جا شهزادا آهن، هڪ ڀيري سندن ڪنيز (ٻانهيءَ) پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنه کي وُضو ڪرائي رهي هئي۔ (اڳوڻي دَور ۾ ٻانهيون ۽ غلامن جو باقاعده وڪرو ٿيندو هو، انهن ٻانهين کان پردو فرض نه هو ته امام زين العابدين رَضِىَ اللهُ عَنه جي ڪنيز پاڻ کي وُضُو ڪرائي رهي هئي) اوچتو ان جي


 

 



[1]...بخاری، کتاب: التفسیر، صفحہ:1136، حدیث:4617۔