Qurani Talimat Sikhiye Aur Amal Kijiye

Book Name:Qurani Talimat Sikhiye Aur Amal Kijiye

هٿان ٿانءُ  (ڪوئنرو وغيره) ڪري پيو ۽ امام زين العابدين رَضِىَ اللهُ عَنه جي چهري تي لڳو، چهرو زخمي ٿي پيو۔ پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنه مٿو کڻي ڏٺائون ته ڪنيز قرآنِ مجيد جي  آيت پڙھي.

(سُبحٰنَ الله! ڪيترو عظيم دَور هو! اڄ ڪجھ ايم اي، بي اي پڙھيل، وڏين وڏين ڊگرين وارا، ڊاڪٽر انجينئر به اهڙا هوندا جن کي قرآن پڙھڻ ناهي ايندو، ان دور جون ٻانهيون غلام قرآنِ مجيد پڙھڻ ڄاڻندا هئا ۽ ان کي سمجھندا به هئا۔ بهر حال! ڪنيز پڙھيو:)

وَ  الْكٰظِمِیْنَ  الْغَیْظَ   (پاره4،سورةال عمران:134)

 ترجمو ڪنز العرفان: ۽ غصو پيئڻ وارا

امام زين العابدين رَضِىَ اللهُ عَنه آيت ٻُڌندي ئي فرمايو: مون پنهنجو غُصّو پي ورتو۔ ٻانهيء انهيء آيت جو اڳيو حصو پڙھو:

وَ  الْعَافِیْنَ  عَنِ  النَّاسِؕ- (پاره4،سورةال عمران:134)                                          

ترجمو ڪنز العرفان:  ۽ درگذر ڪرڻ وارا

امام زين العابدين رَضِىَ اللهُ عَنه جن فرمايو: مون رضاءِ الٰهي جي لاءِ توکي معاف ڪيو۔ ٻانهيء آيت سڳوري جو هن کان اڳيو حِصّو پڙھيو:

وَ  اللّٰهُ  یُحِبُّ  الْمُحْسِنِیْنَۚ(۱۳۴) (پاره4،سورةال عمران:134)                           

ترجمو ڪنز العرفان: ۽ الله نيڪ ماڻهن سان محبت فرمائيندو آهي.

امام زين العابدين رَضِىَ اللهُ عَنه فرمايو: وڃ! تون الله پاڪ جي رضا جي لاءِ آزاد