Qurani Talimat Sikhiye Aur Amal Kijiye

Book Name:Qurani Talimat Sikhiye Aur Amal Kijiye

آهين۔ ([1])

سُبحٰنَ الله! هي آهي قرآنِ مجيد تي عمل جو انداز! هيڏانهن قرآن جي تلاوت ٿي، هوڏانهن ان تي عمل ڪيو ويو۔ اسان ڇا ڪدان آهيون؟ الله جي پناھ! الله جي پناھ...! هاڻي اسان جي معاشري ۾ اهڙا نادان به آهن جيڪي اسلام جون ڳالهيون ٻڌي ان کي دَقيانُوسِي (يعني پُراڻي ڳالهيون) چوَن ٿا ۽ معاذ الله! پاڻ کي نام نهاد جِدَّت پسند سڏرائن ٿا، الله پاڪ اسان سڀني کي اهڙي ناداني کان ۽ اهڙن نادانن کان هميشه محفوظ رکي۔

ڪامِل ۽ اَڪمل زندگي گذارڻ ڪيئن ممڪن آهي؟

اي عاشقانِ رسول! ڪاش! اسان کي به اهڙو جذبو نصيب ٿي وڃي، ڪاش! اسان به قرآنِ ڪريم سان پياري انداز ۾ اهڙا وابسته ٿي وڃون جو بَس قرآن ۽ سُنّت  کان سِواءِ ٻيو ڪجھ نظر ئي نه اچي، اڄ ماڻهو ترقي جي لاءِ، ڪاميابي جي لاءِ دَر دَر جا ڌڪا کائن ٿا، ڪو ڪافِرن جا اُصُول اپنائي ٿو، ڪو ڪنهن فلسفيءَ جي ڳالهين تي ڀروسو ڪري ٿو پر انهن رستن ذريعي نه ڪاميابي ملڻي هئي، نه ئي ملي، اُلٽو ذِلّت ئي هٿ آئي۔

ياد رکو! هن دُنيا ۾ ڪامياب زِندگي جي صِرف هڪ ئي واٽ آهي ۽ هي اها ئي  واٽ آهي جيڪا اسان کي قرآنِ ڪريم ڏيکاري ٿو۔ ٿورو دُنيا جي تاريخ تي نگاھ وجھو! دُنيا ۾ سڀ کان ڪامِل، سڀ کان اڪمل، سڀ کان سٺي، بهترين ۽ خوب صُورتِ زِندگي ڪنهن جي آهي؟ يقيناً هڪ مسلمان اهو ئي جواب ڏيندو ته هن دُنيا ۾ سڀ کان ڪامِل ۽ اڪمل زِندگي مصطفيٰ جانِ رحمت، شمعِ بزمِ هدايت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مُبَارَڪ زندگي آهي۔ حُضُور جانِ عالم


 

 



[1]...ابن عساکر، علی بن الحسین، جلد:41، صفحہ:387۔