Qurani Talimat Sikhiye Aur Amal Kijiye

Book Name:Qurani Talimat Sikhiye Aur Amal Kijiye

صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي زِندگي مبارڪ ڇا هئي؟ اُمُّ المؤمنين حضرت عائشه صديقه رَضِىَ اللهُ عَنها 3 لفظن ۾ ٻڌايو: کَانَ  خُلْقُہُ الْقُرْآن مصطفيٰ جانِ رَحمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا مُبَارَڪ اخلاق قرآن وارا هئا۔([1])

ڄڻ پاڻ اهو فرمائي رهيون آهن ته قرآنِ ڪريم کي پڙھڻ شروع ڪيو، قرآنِ مجيد جيڪي جيڪي اخلاق ۽ آداب بيان فرمائيندو ويندو انهن سڀني جو عملي نمونو توهان کي مصطفيٰ ڪريم، رَءُوفُ رَّحِيم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مبارڪ زندگي ۾ نظر ايندو۔

خبر پئي ته جيڪڏهن اسان پنهنجي زِندگي کي خوبصُورت، سٺي ۽ ڪامِل ۽ اڪمل بنائڻ چاهيون ٿا ته اُن جو هڪ طريقو آهي، زِندگي گذارڻ جا اُصُول قرآنِ مجيد کان سکندا وڃون ۽ اُنهن تي عمل ڪرڻ جو اندازِ سُنَّتِ مصطفيٰ مان سکندا وڃون ۽ انهن تي عمل ڪندا وڃون، اِن شَآءَ الله! اسان جي زِندگي چڱي، خوبصورت، بهترين ۽ ڪامِل واڪمل ٿي ويندي۔

اَزْ یَکْ آئین مُسَلْمَان زِنْدَہ اَسْت                                                              پَیْکَرِ مِلَّت زِ قُرآن زِنْدَہ اَسْت

ترجمو: اِسلام ۽ مسلمان صِرف هڪ ئي قانون سان زِندھ رهن ٿا ۽ ان قانون جو نالو قرآن آهي۔

عالم سڳورن کان پڇڻ ضروري آهي

اي عاشقانِ رسول! اسان کي قرآنِ ڪريم تي عَمَل ڪرڻ گھرجي، هن ۾ اسان جي ڀلائي آهي، هن ۾ ئي ترقي آهي، هن ۾ ڪاميابي آهي پر هڪ ڳالھ ياد رهي! قرآنِ ڪريم تي عَمَل ته ڪرڻو ئي ڪرڻو آهي پر پنهنجي عقل سان نه بلڪ عاشقانِ رسول عالم سڳورن پڇي ڪري ڪرڻو آهي، پنهنجي عقل جا


 

 



[1]...المعجم الاوسط، صفحہ:34، حدیث:72۔