Qurani Talimat Sikhiye Aur Amal Kijiye

Book Name:Qurani Talimat Sikhiye Aur Amal Kijiye

گھوڙا ڊوڙائينداسين ته ڪٿي ايئن نه ٿئي جو شيطان جي چالن ۾ ڦاسي وڃون ۽ قرآنِ ڪريم تي عَمَل ڪرڻ جي بدران شيطان جي پويان پويان جهنّم ڏانهن وڃي نڪرون، ان ڪري عاشقانِ رسول عالمن کي الله پاڪ قرآنِ ڪريم جو عِلم عطا فرمايو آهي، قرآنِ ڪريم جي سمجھ جن کي عطا ڪئي وئي آهي، ان کان پڇي قرآنِ ڪريم تي عَمَل ڪرڻو آهي۔ الله پاڪ اسان سڀني کي عَمَل جي توفيق عطا فرمائي۔ آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ

فيضانِ قرآن  ۽ دعوتِ اسلامي

اي عاشقانِ رسول! الحمدلله! اڄ جي دور ۾ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي قرآنِ ڪريم جي فيضان کي سڄي دُنيا ۾ عام ڪرڻ جي لاءِ ڪوشش ڪري رهي آهي، الله پاڪ جي فضل ۽ ڪرم سان دعوتِ اسلامي اسان کي قرآن پڙهڻ به سيکاري ٿي، دعوتِ اسلامي اسان کي قرآن سمجھڻ جا ذريعا به فراهم ڪري ٿي ۽ قرآنِ مجيد سمجھي ان تي عمل ڪرڻ ۽ ان کي ٻين تائين پهچائڻ جا موقعا به فراهم ڪري ٿي۔ مثال اوهان قرآنِ مجيد سمجھڻ چاهيو ٿا ته * دعوتِ اسلامي تحت ملڪ ۽ ٻاهرين ملڪ ۾ هلندڙ ڪنهن به قريبي جامعاتُ المدينه مان ڪنهن به قريبي جامعة المدينه ۾ داخِلا وٺي دَرسِ نظامي يعني عالِم ڪورس ڪري وٺو، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! قرآنِ مجيد سمجھڻ به اچي ويندو، هن سان گڏوگڏ بخاري شريف، مسلم شريف، فتاوي شامي، احياء العلوم، فتاويٰ رضويه شريف وغيره عِلمِ دين جا وڏا وڏا ڪتاب نه صِرف پڙهڻ وارا بڻجي ويندؤ بلڪ ٻين کي سيکارڻ وارا به بڻجي ويندؤ۔ * جيڪڏهن ڪنهن سبب جامعة المدينه ۾ داخلا وٺڻ مشڪل هجي ته آن لائِن جامعة المدينه ۾ داخِلا وٺو، گھر ويهي دَرسِ نظامي ڪري وٺو * آن لائن قرآنِ مجيد ترجمو ۽ تفسير ڪورس ۾ داخلا وٺو، * دعوتِ اسلامي جي اشاعتي