Qurani Talimat Sikhiye Aur Amal Kijiye

Book Name:Qurani Talimat Sikhiye Aur Amal Kijiye

اداري مڪتبة المدينه تان ترجمي وارو قرآن ڪنز الايمان، ڪنز العرفان، تفسير خزائن العرفان، صراط الجنان ۽ معرفة القرآن خريدي وٺو، آسان اُردُو ۾ گھر ويهي قرآنِ مجيد ترجمو ۽ تفسير سان پڙھو ۽ برڪتون ماڻيو، * پنهنجي موبائل ۾ Al Quran With Tafseer نالي ايپلي ڪيشن ڊاؤنلوڊ ڪري وٺو، قرآنِ مجيد جي تِلاوت ڪريو، ترجمو پڙھو، تفسير پڙھو، سمجھو، جتان کان سمجھ نه اچي ته مدني عُلَما، عاشقانِ رسول مفتيانِ ڪرام الحمد لله موجود آهن، انهن کان پڇي وٺو۔

صَــلُّـوْا  عَـلَـی   الْـحَبِيْـب!                               صَـلَّـی اللهُ   عَلـٰی   مُـحَـمَّد

12ديني ڪمن ۾ هڪ ديني ڪم: تفسير ٻڌڻ ٻڌائڻ جو حلقو

اي عاشقانِ رسول! قرآنِ ڪريم سکڻ، سمجھڻ جو هڪ آسان طريقو هي به آهي ته ذيلي حلقي جي 12 دِيني ڪمن ۾ حِصو وٺو! ذيلي حلقي جي 12 دِيني ڪمن مان هڪ دِيني ڪم: ترجمو ۽ تفسير ٻڌڻ ٻڌائڻ جو حلقو

الحمد لله! عاشقانِ رسول، دعوتِ اسلامي جا مبلغ فجر جي نماز کان پوءِ ”ترجمو ۽ تفسير ٻڌڻ ٻڌائڻ جو حلقو“ لڳائيندا آهن، هن ۾ روزانو 3 آيتون ترجمو ۽ تفسير پڙھي ٻڌايو ويندو اهي، روزانو جون 3 آيتون يعني هڪ سال ۾ 1 هزار 95 آيتون، يعني اسان روزانو 15 کان 20 منٽ جي ڪوشش سان اڍائي، ٽي  سال ۾ پُورو قرآنِ مجيد ٻُڌي، سکي ۽ سمجھي سگھون ٿا۔ اوهان به هن ديني ڪم ۾ ضرور حِصو وٺو ۽ دِل کي نُورِ قرآن سان روشن ڪريو!

ويزائون ملي ويون

هڪ اسلامي ڀاءُ تقريباً 14سال کان ٻاهرين مُلڪ ۾ مُقِيم هو۔ انهن کي