Qurani Talimat Sikhiye Aur Amal Kijiye

Book Name:Qurani Talimat Sikhiye Aur Amal Kijiye

هڪ ڀيري پنهنجي ڪارخاني ۾ ڪم ڪرڻ وارن جي ضَرورت پئي۔ انهن ويزائن جي لاءِ ڪيئي ڀيرا درخواستون جمع ڪرايون پر ڪافي ڪوشِشن جي باوُجود ويزائون نه ملي سگھيون۔ مُلازم نه هئڻ جي ڪري انهن کي نقصان کڻڻو پيو۔ خير هڪ دفعو ٻيهر درخواست جمع ڪرائي۔ انهيءَ دوران هڪ اسلامي ڀاءُ جي مَشوَري  تي اُنهن شَجَري شريف مان دُعائيه شعر کي  مُسلسل پڙھڻ شروع ڪيو۔ ان جي برڪت سان انهن جو اهو ڪم حَيرت اَنگيز طور تي ڪجھ ڏينهن ۾ ٿي ويو يعني اُنهن کي گھربل تعداد ۾ ويزائون ملي ويون۔

مُشکلیں حَل کر شَہِ مُشکل کُشا کے واسِطے   کر بَلائیں رَد شہیدِ کربَلا کے واسِطے

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام ڏانهن آڻيندي سُنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ آدابِ زندگي بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو۔ هڪ ڏينهن تاجدارِ رسالت، شهنشاھ نبوت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٽي ڀيرا فرمايائون: منهنجي نائب تي الله پاڪ جي رحمت ٿئي۔ عرض ڪيو ويو: حضور! اوهان جا نائب ڪيرا آهن؟ فرمايائون: منهنجي سُنّت سان مَحَبَّت ڪرڻ ۽ ٻين کي سيکارڻ وارا۔([1])

سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا!    جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

ننهن ڪٽڻ جون سنتون ۽ آداب

2 فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ:(1): جيڪو جُمعي جي ڏينهن ننهن ڪٽي الله پاڪ اُن کي ٻئي جمعي تائين مصيبتن کان محفوظ رکندو ۽ ٽي ڏينهن وڌيڪ([2])


 

 



[1]...جامع بیان علم، باب:علم کے فضائل، جلد:1، صفحہ:201، حدیث:220۔

[2]...مرقاۃ المفاتیح، کتاب: اللباس، باب: الترجل، تحت الحدیث:4422، جلد:8، صفحہ:212۔