Qurani Talimat Sikhiye Aur Amal Kijiye

Book Name:Qurani Talimat Sikhiye Aur Amal Kijiye

يعني ڏهه ڏينهن تائين۔ (2): جيڪو جمعي جي ڏينهن ننهن ڪٽي ته رحمت نازل ٿيندي ۽ گناهه ڇڻندا۔([1])

        اي عاشقانِ رسول! * جمعي جي ڏينهن ننهن ڪٽڻ مستحب آهن۔ ها جيڪڏهن وڌي ويا هجن ته جمعي جو انتظار نه ڪريو۔ * روايتن ۾ آيل هٿن جا ننهن ڪٽڻ جي طريقن جو خلاصو هي آهي؛ پهرين ساڄي هٿ جي شهادت واري آڱر کان شروع ڪري ترتيبوار چيچ سميت ننهن ڪٽيا وڃن پر آڱوٺو ڇڏيو وڃي، هاڻي کٻي هٿ جي چيچ کان شروع ڪري ترتيبوار آڱوٺي سميت ننهن ڪٽيو، پوءِ هاڻي آخر ۾ ساڄي هٿ جي آڱوٺي جو ننهن ڪٽيو وڃي۔ * پيرن جي ننهن ڪٽڻ جي ڪا ترتيب منقول ناهي۔ بهتر اهو آهي ته ساڄي پير جي چيچ کان شروع ڪري ترتيبوار آڱوٺي سميت ننهن ڪٽيو پوءِ کاٻي پير جي آڱوٺي کان شروع ڪري چيچ سميت ننهن ڪٽيو۔ * جنابت جي حالت (يعني غسل فرض ھئڻ جي صورت) ۾ ننهن ڪٽڻ مڪروهه آهي۔ * ڏند سان ننهن ڪٽڻ مڪروهه آهي ۽ ان سان برص (يعني ڪوڙهه) جي بيماري ٿيڻ جو انديشو آهي۔ ٭ ننهن ڪٽڻ کان پوءِ انهن کي دفن ڪري ڇڏيو * ڪٽيل ننهن بيت الخلاء (Wash room)يا غُسل خاني ۾ اڇلائڻ مڪروه (تنزيهي) آهي، هن سان بيماري پيدا ٿئي ٿي* اربع جي ڏينهن ننهن نه ڪٽڻ گھرجن، هن سان بَرص(يعني جسم تي سفيد داغ) ٿيڻ جو انديشو آهي* ڊگھا ننهن شيطان جي نِشَست گاھ  آهن يعني انهن تي شيطان ويهي ٿو _رات ۾ ننهن ڪٽڻ ۾ حرج نه آهي۔([2])

اي عاشقانِ رسول! مختلف سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي ”بهارِ شريعت“ جلد:3، حصو: 16 ۽ شيخِ طريقت، امير اهلسنت دَامَت بَرَکاتُهمُ العَالِيه جو 91 صفحن جو رسالو ”550 سنتون ۽ آداب“ خريد ڪيو ۽ پڙھو، سنتون سکڻ جو


 

 



[1]...550 سنتیں اور آداب، صفحہ:50۔

[2]...550 سنتیں اور آداب، صفحہ:50-51۔