Qurani Talimat Sikhiye Aur Amal Kijiye

Book Name:Qurani Talimat Sikhiye Aur Amal Kijiye

تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ صحابي سڳورن عَلَيۡهِمُ الرِّضۡوَان کي هجرت ڪري حبشہ ڏانهن وڃڻ جو حڪم فرمايو، ان حڪمِ نبوي کي ٻُڌي ڪيئي صحابي سڳورا عَلَيۡهِمُ الرِّضۡوَان حبشہ ڏانهن هجرت ڪري ويا، حبشه ۾ اُن وقت نجاشي بادشاه رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي حڪومت هئي، هڪ ڏينهن نجاشي بادشاھ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه انهن صحابي سڳورن عَلَيۡهِمُ الرِّضۡوَان کي پنهنجي درٻار ۾ گھرايو، صحابه ڪرام عَلَيۡهِمُ الرِّضۡوَان هن وٽ ويا، اتي مڪي جي ڪافرن جو هڪ وَفد پڻ موجود هو ۽ نجاشي بادشاھ جا درٻاري به موجود هئا، ان وقت نجاشي بادشاھ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه قرآنِ پاڪ ٻُڌائڻ جي درخواست پيش ڪئي، جنتي صحابي حضرت جعفر رَضِىَ اللهُ عَنۡه نجاشي جي درٻار ۾ سُورت مريم جي تِلاوت فرمائي۔

الله اڪبر! حضرت جعفر رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي پُرسوز تلاوت تاثير جو تير بڻجي نجاشي بادشاھ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ۽ اُن جي درٻارين جي دِل ۾ لهڻ شروع ٿيو ۽ اُهي ماڻهو الله پاڪ جو پاڪيزه ڪلام ٻُڌي زاروقطار روئڻ لڳا۔

هن واقعي کان ڪجھ سال بعد نجاشي بادشاھ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه پنهنجو هڪ وَفد سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خدمتِ بابَرڪت ۾ موڪليو، ان وفد ۾ 70 ماڻهو هئا، اهي جڏهن بارگاھ رسالت ۾ حاضِر ٿيا ته الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ انهن جي سامهون سورت يٰسين شريف جي تِلاوت فرمائي۔ اهي ماڻهو به الله پاڪ جي حبيب، دِلين جي طبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مبارڪ زبان مان الله پاڪ جو پاڪيزه ڪلام ٻُڌي زار و قطار روئڻ لڳا۔([1]) انهن ماڻهن جي لاءِ قرآنِ ڪريم جون هي آيتون نازِل ٿيون:


 

 



[1]...تفسیر مدارک، پارہ:7، المائدۃ، تحت الآیۃ:83، جلد:1، صفحہ:469خلاصۃً۔