Qurani Talimat Sikhiye Aur Amal Kijiye

Book Name:Qurani Talimat Sikhiye Aur Amal Kijiye

وَ اِذَا سَمِعُوْا مَاۤ اُنْزِلَ اِلَى الرَّسُوْلِ تَرٰۤى اَعْیُنَهُمْ تَفِیْضُ مِنَ الدَّمْعِ مِمَّا عَرَفُوْا مِنَ الْحَقِّۚ-یَقُوْلُوْنَ رَبَّنَاۤ اٰمَنَّا فَاكْتُبْنَا مَعَ الشّٰهِدِیْنَ(۸۳) (پاره7، سورةالمائدة:83)     

ترجمو ڪنز العِرفان: ۽ جڏهن اُهي ٻڌندا آهن اهو جيڪو رسول جي طرف نازل ڪيو ويو ته توهان ڏسندؤ سندن جون اکيون ڳوڙن سان وهي پون ٿيون هن لاءِ ته اهي حق کي سڃاڻي ويا. چون ٿا اي اسان جا رب! اسان ايمان آندو پوءِ تون اسان کي (حق جي) گواهن سان گڏ لکي ڇڏ.

انهن خُوش نصيب ماڻهن کي جنّت جي خوشخبري ٻُڌائيندي الله پاڪ  وڌيڪ فرمايو:

فَاَثَابَهُمُ اللّٰهُ بِمَا قَالُوْا جَنّٰتٍ تَجْرِیْ مِنْ تَحْتِهَا الْاَنْهٰرُ خٰلِدِیْنَ فِیْهَاؕ-وَ ذٰلِكَ جَزَآءُ الْمُحْسِنِیْنَ(۸۵)

(پاره7،سورة المائدة:85)

ترجموڪنزالعِرفان: سو الله سندن جي اِن چوڻ جي بدلي اُهي باغ عطا ڪيا جن جي هيٺان نهرون جاري آهن. هميشه انهن ۾ رهندا هي نيڪ ماڻهن جي جزا آهي.

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

تِلاوت دوران روئڻ سَعَادت آهي

اي عاشقانِ رسول! قرآنِ ڪريم جي تِلاوت ڪرڻ، قرآنِ ڪريم جي تِلاوت ٻُڌڻ عين سَعَادت بلڪ وڏي فضيلت واري نيڪي آهي۔ جيڪڏهن تِلاوت ڪرڻ مهل، تِلاوت ٻڌڻ وقت سُرُور جي ڪيفيت طاري ٿئي، دِل محبتِ اِلٰهي ۾ ٽمٽار هجي، خوفِ خُدا سان ڏڪڻي طاري هجي، اکين مان لڙڪ جاري هجن، اهڙي