Qurani Talimat Sikhiye Aur Amal Kijiye

Book Name:Qurani Talimat Sikhiye Aur Amal Kijiye

تِلاوت جي ته مَا شَآءَ الله! ڇا ته شان آهي۔ الله پاڪ پنهنجي نيڪ ٻانهن جون پاڪ وصفون بيان ڪندي فرمائي ٿو:

اَللّٰهُ نَزَّلَ اَحْسَنَ الْحَدِیْثِ كِتٰبًا مُّتَشَابِهًا مَّثَانِیَ ﳓ تَقْشَعِرُّ مِنْهُ جُلُوْدُ الَّذِیْنَ یَخْشَوْنَ رَبَّهُمْۚ-ثُمَّ تَلِیْنُ جُلُوْدُهُمْ وَ قُلُوْبُهُمْ اِلٰى ذِكْرِ اللّٰهِؕ- (پاره23،سورةالزمر:23)                                                                                

ترجمو ڪنزُالعِرفان: الله سڀ کان سٺو ڪتاب لاٿو جيڪو سڄو هڪجهڙو آهي، باربار پڙهيو ويندو آهي. ان سان انهن ماڻهن جي بدن تي وار اڀا ٿي ويندا آهن آهن جيڪي پنهنجي ربّ کان ڊڄندا آهن پوءِ انهن جون کلون ۽ دل الله جي ياد ۾ نرم ٿي وينديون آهن.

حضرت اَسمَاء رَضِىَ اللهُ عَنۡها فرمائن ٿيون: صحابه ڪرام عَلَيۡهِمُ الرِّضۡوَان جي اها حالت هئي جو جڏهن انهن جي سامهون قرآنِ ڪريم جي تِلاوت ڪئي ويندي هئي ته انهن جي اکين مان لڙڪ جاري ٿي ويندا هئا ۽ انهن جي بدن جا وار ڪانڊارجڻ لڳندا هئا۔([1])

تِلاوت کی توفیق دیدے اِلٰہی!      گُنَاہوں کی ہو دُور دِل سے سیاہی

جيڪو روئيندو جنّت ۾ داخِل ٿيندو

حضرت جرير بن عبد الله رَضِىَ اللهُ عَنۡه کان روايت آهي، هڪ ڏينهن نبين جي سرور، مديني جي تاجور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اسان کي فرمايو: مان توهان جي سامهون سُورَة التَّڪاثُر جي تِلاوت ڪيان ٿو، توهان مان جيڪو روئيندو، اهو جنّت ۾ داخِل ٿيندو، پوءِ سرڪارِ مدينه،راحتِ قلب و سينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سُورَةُ التَّڪاثُر جي تلاوت فرمائي، اسان مان ڪجھ رُنا ۽ ڪجھ نه رُنا۔ جيڪي نه روئي سگھيا،


 

 



[1]...قرطبی، سورۃ الزمر، تحت الآیۃ:23، جلد:8، صفحہ:156۔