Qurani Talimat Sikhiye Aur Amal Kijiye

Book Name:Qurani Talimat Sikhiye Aur Amal Kijiye

انهن عرض ڪيو: يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! اسان روئڻ جي ڪوشش ڪئي پر رَوئي نه سگھياسين۔ سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: مان توهان جي سامهون ٻيهر پڙهان ٿو، جيڪو روئيندو، ان جي لاءِ جنّت آهي ۽ جيڪو نه روئي سگھي اهو روئڻ جهڙي شڪل ئي بڻائي وٺي ۔([1])

بِلا حساب ہو جنّت میں داخلہ یارَبّ!    پڑوس خلد میں سروَر کا ہو عطا یارَبّ!

پيارا اسلامي ڀائرو! بدقسمتي سان هاڻي مسلمانن جو قرآنِ ڪريم سان لڳاءُ گھٽ کان گھٽ ٿيندو پيو وڃي، پهريان ته تِلاوت ڪرڻ وارا تمام گھٽ آهن، پوءِ جيڪي تِلاوتِ قرآن جي سَعَادت ماڻين ٿا، انهن ۾ به روئڻ وارن جو تَعدَاد ته بلڪل ئي گھٽ آهي۔ الله پاڪ اسان سڀني کي تِلاوتِ قرآن ڪرڻ ۽ قرآنِ ڪريم پڙھي يا ٻُڌي روئڻ جي سَعَادت عطا فرمائي۔

 آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ۔

تِلاوتِ قرآن جو هڪ باطني اَدَب

حُجَّةُّ الاِسلام امام محمد بن محمد غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه اِحياءُ العلوم جي پهرين جلد ۾ تِلاوتِ قرآن جا 10 باطني اَدبَ بيان ڪيا آهن۔ انهن مان ستون باطِني ادب آهي: تَخصِيص۔ يعني ٻانهو قرآنِ ڪريم کي پاڻ سان خاص سمجھي، پنهنجي هدايت جي لاءِ تِلاوت ڪري، تِلاوت ڪرڻ وقت اهو تَصَوُّر ڪري ته الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ جيڪي اَحڪامِ بيان ڪيا آهن، هي منهنجي ئي لاءِ آهن، جن ڪمن کان الله پاڪ منع فرمايو آهي، اهو مون کي ئي منع ڪيو پيو وڃي، قرآنِ ڪريم ۾ جيڪو قيامت جو تذڪرو آهي، جهنّم جو ذِڪر آهي، عذابن جو تذڪرو آهي، جيڪي نصيحت ڀريا واقعا بيان ڪيا ويا آهن، هي سڀ منهنجي


 

 



[1]...نوادر الاصول، الاصل الحادی والخمسون والمائۃ، جلد:1، صفحہ:408۔