Qurani Talimat Sikhiye Aur Amal Kijiye

Book Name:Qurani Talimat Sikhiye Aur Amal Kijiye

لاءِ ئي آهن، مون کي ئي انهن مان نصيحت وٺڻي آهي۔([1])

جيڪڏهن اسان هي تَصَوُّر ڪري تِلاوت ڪنداسين ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! قرآنِ مجيد اسان جي دِل ۾ لهندو، اَثَر به ڪندو، اکين مان لڙڪ به وهندا ۽ الله پاڪ چاهيو ته زِندگي به سَنورجي ويندي.

ڪامِل اِيمان وارن جي هڪ وَصف

الله پاڪ سيپاري: 1، سورت بقره، آيت:121 ۾ ارشاد فرمائي ٿو:

اَلَّذِیْنَ اٰتَیْنٰهُمُ الْكِتٰبَ یَتْلُوْنَهٗ حَقَّ تِلَاوَتِهٖؕ-اُولٰٓىٕكَ یُؤْمِنُوْنَ بِهٖؕ-

ترجمو ڪنز العرفان: اُهي ماڻهو جن کي اسان ڪتاب ڏنو آهي ته اُهي ان جي تلاوت ڪن ٿا  جيئن تلاوت ڪرڻ جو آهي

هڪ قول جي مطابق هن آيت سڳوري ۾ الْكِتٰبَ مان قرآنِ ڪريم مراد آهي ۽ آيت ۾ ڪامِل ايمان وارن جي هڪ وَصف بيان ڪئي وئي آهي ، آيت سڳوري جو مطلب هي آهي ته اُهي ماڻهو جن کي ڪتاب عطا ڪيو ويو آهي، انهن ۾ ڪامِل ايمان وارا اهي آهن جيڪي هن جي تِلاوت جو حق ادا ڪن ٿا۔([2])

تِلاوتِ قرآن جا 3 حق

پيارا اسلامي ڀائرو! هن آيت سڳوري ۾ تلاوت جي حق مان ڇا مراد آهي؟ هن جي وَضَاحت ۾ عالم سڳورن ٽي نڪتا بيان ڪيا آهن: (1): امام جلال الدِّين


 

 



[1]...احیاء العلوم، جلد:1، صفحہ:859خلاصۃً۔

[2]...تفسیر نعیمی، پارہ:1، سورۂ بقرہ، زیرِآیت:121، جلد:1، صفحہ:692 خُلاصۃً۔